نمائندن وٽان

سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن جي “ويلڪم، ويلڪم“ نعرن سان آجيان

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالهه صدارتي چونڊن ۾ پهريون ووٽ پ پ جي عبدالحق ڀُرٽ 10 لڳي 10 منٽن تي وڌو، جڏهن ته آخري ووٽ مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جي رحيم بخش  بوزدار 2 لڳي 55 منٽن تي ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي چوڌاري سخت حفاظتي انتظام ڪيل هئا. مخالف ڌر فنڪشنل مسلم ليگ جا 8 ۽ مسلم ليگ (ق) جي ارباب گروپ جا 2 ميمبر، جڏهن منجهند جو 2 لڳي 40 منٽن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ آيا ته سرڪاري ڌر جي ميمبرن زبردست آجيان ڪئي ۽ ”ويلڪم، ويلڪم“ جا نعرا لڳايا. ان کان هڪ ڪلاڪ اڳ مسلم ليگ (ق) جي ارباب گروپ جي نزهت پٺاڻ هڪ لڳي 40 منٽن تي صوبائي وزير آغا سراج دراني سان گڏجي ووٽ ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ داخل ٿي، پولنگ آفيسر مختلف وقتن تي انهن ميمبرن جا نالا ڪوٺيندي رهيو، جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا هئا، جڏهن ته آخري ڀيرو 2 لڳي 55 منٽن تي انهن 3 ميمبرن جا نالا پڪاريا ويا، جيڪي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه پهتا ۽ ان کانپوءِ پوري 3 وڳي ووٽنگ جو عمل ختم ڪري ڳڻپ شروع ڪئي وئي ۽ 15 منٽن کانپوءِ نتيجي جو  اعلان ڪيو ويو.