|
درازا شريف
۾ قومي ادبي ڪانفرنس،سچل سرمست ريسرچ ڪاميٽي جوڙڻ ۽ شاعري جو
انگريزي ۾ ترجمو ڇپرائڻ جو اعلان
خيرپور/راڻيپور
(رپورٽ: خان محمد/نانڪ رام) سنڌ جي صوفي شاعر حضرت سچل سرمست
رح پنهنجي شاعري ۾ ڏاڍ کي ننديو آهي ۽ محبت،پيار ۽ پاٻوهه جو
درس ڏنو آهي، سنڌ ڄائي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به سچل جي پوئلڳي
ڪندي جهڪڻ وارن کي غدار ڪوٺيو آهي ۽ هن شهادت تائين ڏاڍ ۽ جبر
جو مقابلو ڪيو، اهڙو اظهار سچل سرمست رح جي 187 هين عرس جي ٻئي
ڏينهن قومي ادبي ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي جي
اسپيڪر نثار احمد کهڙي ڪيو، تصوف پيار ۽ امن جو درس ڏئي ٿو ۽
سچل سرمست رح جو ڪلام دهشتگردي جي خاتمي لاءِ همٿائي ٿو، جنهن
ڪري اسين متحد ٿي دهشتگردي خلاف ڪاميابي سان وڙهي سگهون ٿا،
سچل سان محبت واري ٻولي تي عمل ڪرڻو پوندو، جنهن سان دهشتگردي
کان نجات ملي ويندي، هن چيو ته درازا ۾ ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ تي
ڪنهن به ڌر کي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اڄ سچل سائين جي
اڱڻ ۾ ويٺي دلي سڪون ملي رهيو آهي، ان موقعي تي خاص مهمان
صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سسئي پليجو چيو ته تمام جلد سچل
ڪامپليڪس جي تعمير وارو ڪم شروع ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ ضلعي
حڪومت فوري طور تي ثقافت کاتي کي پلاٽ فراهم ڪري، جنهن ۾
لائبريري، ميوزيم ۽ آڊيٽوريم پڻ هوندا ۽ ڀٽائي سميت ٻين صوفي
شاعرن جي شاعري انگريزي ۾ ترجمون ڪرائي ثقافت کاتو ڇپائي پڌرو
ڪندو، جنهن لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سان مشوري کانپوءِ انهن رهيل
ڪمن ۽ تعميرات لاءِ پڻ ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، هن سچل سرمست
ريسرچ ڪاميٽي جوڙڻ جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن ۾ نواز علي شوق،
عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر خضر، ڊاڪٽر شفقت تنوير مرزا، ڊاڪٽر
مونس اياز ۽ ٻيا ميمبر شامل هوندا، هن چيو ته 17 سالن کانپوءِ
ثقافت کاتي درازا ۾ قومي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائي پنهنجو قومي
فرض ادا ڪيو آهي، هن چيو ته سچل سرمست جي شاعري حق ۽ سچ جي
ڳالهه ڪري ٿي ۽ سموري انسانيت لاءِ روشني جو منور آهي، هن چيو
ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ
تصوف جا پيروڪار رهيا آهن، ان موقعي تي سچل سرمست جي گادي نشين
سخي قبول محمد فاروقي سچل سائين جي فلسفي، نظريي ۽ تصوف تي
مقالو پيش ڪيو، جڏهن ته سچل سائين تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ مهر خادم
کانسواءِ ڊاڪٽر طاهر تونسوي ۽ قاضي جاويد اقبال جيڪي اعزازي
مهمان هئا، انهن پڻ سچل سائين جي شاعري تي خاص مقالا پيش ڪيا،
ان موقعي تي سيڪريٽري ڪلچر شمس جعفراڻي ۽ ڊائريڪٽر جنرل مونس
اياز ٻڌايو ته سنڌ جي وزيراعليٰ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جي
ساليانه 2 لک جي گرانٽ وڌائي 10 لک ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،
قومي ادبي ڪانفرنس کي تاج جويو، ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، بشير احمد
شاد، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر خضر نوشاهي ۽ ٻين سنڌ جي
ناليوارن اديبن مقالا پيش ڪيا، ان کان اڳ صوبائي وزير سسئي
پليجو سچل سائين جي درگاهه تي چادر چاڙهي، جڏهن ته قومي ادبي
ڪانفرنس ۾ سچل سائين جي علي قلي بيگ واري شايع ڪرايل رسالي
جنهن کي سنڌ ثقافت کاتي شايع ڪرايو، ان جي مهورت ڪئي، قومي
ادبي ڪانفرنس کانپوءِ محفل مشاعرو پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي
صدارت سنڌ جي نامياري شاعر شمشير الحيدري ڪئي، مشاعري ۾
ذوالفقار سيال، احمد خان مدهوش ۽ تاج جويو خاص مهمان هئا،
مشاعري ۾ رکيل مورائي، بشير منگي، بيخود بلوچ، ادريس عاجز
عباسي، ڊاڪٽر خادم منگي ۽ اسد چاچڙ سميت اٽڪل 200 شاعرن پنهنجو
ڪلاڪ پيش ڪيو، ان کان اڳ صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت سسئي پليجو
۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو درگاهه حضرت سچل سرمست
تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.
|