حڪمران اتحاد مان نواز ليگ جي موڪلاڻي

ججن جي بحاليءَ واري معاملي تي اختلافن، ۽ ان سلسلي ۾ ڏنل ڊيڊ لائين  کانپوءِ مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي واعدي خلافي جا الزام هڻندي حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو  اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ اهڙو اعلان ڪندي پارٽي قائد ميان نواز شريف چيو ته، اپوزيشن ۾ رهندي ميثاقِ جمهوريت تي عمل لاءِ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو ويندو.

هن مملڪتِ خدا داد ۾، اهي قوتون، جيڪي جمهوريت جون ويري ۽ آمريت جون ساٿاري رهنديون آيون آهن، انهن جو اتحاد اڌ صديءَ جي عرصي ۾ به ٽٽي نه سگهيو آهي، ايتري قدر جو انهن جي قانوني مشاورت ڪندڙ ساڳيا ئي پيشه ور ماڻهو مختلف آمريتي دورن ۾ پنهنجون خدمتون آڇيندا ۽ سرانجام ڏيندا رهيا آهن، پر جمهوري قوتن جو اتحاد گهڻي دير جٽاءُ ڪري نه سگهندو آهي. هن ڀيري به ائين ئي ٿيو آهي، جو مرڪز ۾ چئني  سياسي پارٽين تي مشتمل حڪمران اتحاد پنهنجي 6 مهينن جي عمر پوري ڪرڻ کان اڳ ئي ٽٽي ويو آهي. حڪمران اتحاد جي ٽٽڻ جو سبب ججن وارو اشو آهي. نواز ليگ وارا ان ئي اشو جي حل ڪرڻ واري طريقيڪار تي پ پ پ قيادت سان اختلاف رکندي پهرين ڪابينا کان ڌار ٿيا ۽ هاڻي اتحاد کان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن. اتحاد ۾ رهڻ ۽ نه رهڻ جو فيصلو ڪرڻ نواز ليگ جو جمهوري حق آهي. پر جمهوريت کي ڪنهن به صورت ۾ هاڃو رسڻ نه گهرجي. هاڻي مسلم ليگ (ن) طرفان حڪمران اتحاد کان ڌار ٿي هاڻي جڏهن اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته اپوزيشن جي سگهه به جمهوريت جي جٽاءَ لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. اڳ ۾ اسان وٽ جيڪو ڪلچر مروج رهيو آهي، ان مطابق حڪومتي ڌر اهو ئي سمجهندي رهي آهي ته پارليامينٽ ۾ سندن ئي مرضي هلندي، جيئن ته اهي حڪمران آهن، ان ڪري مرضيءَ جا مالڪ آهن، جڏهن ته اپوزيشن اهو سمجهندي آهي ته هر ڳالهه جي مخالفت ڪرڻ ئي سندن ”بنيادي فرض“ آهي. هن ڀيري ان ڪلچر کي دفن ٿيڻ گهرجي ۽ بهتر پارلياماني روايتون جڙڻ گهرجن.

نواز ليگ جي حڪمران اتحاد کان عليحدگي ۽ پنهنجو صدارتي اميدوار سامهون آڻڻ کانپوءِ يقينن سياسي جوڙ ٽوڙ شروع ٿيندي، نوان نينهن لڳندا، الفتن جا نوان انتساب ٿيندا، وفائن جا نوان وچن ٿيندا،  عددي اڪثريت لاءِ ڊوڙ شروع ٿيندي، صدارتي اليڪشن لاءِ ٻئي ڌريون ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائينديون. هتي جيئن ته اليڪشن به جنگ سمجهي وڙهي وڃڻ واري روش سدا جوان آهي ۽ ”جنگ ۽ پيار ۾ هر شئيِ جائز آهي“ واري اصول تي هلندي هتي سياسي ڌريون اهو ڪجهه ڪري گذرنديون آهن، جنهن جو جمهوريت سان حسب نسب ثابت ڪرڻ ئي مشڪل هوندو آهي. هن ڀيري ائين نه ٿيڻ گهرجي، جمهوري روايتن، اصولن ۽ قدرن جي پاسداري ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ڪجهه نه ٿيڻ گهرجي، جنهن جو فائدو اڳ ئي تاڙ ۾ ويٺل طالع آزما قوتن کي پهچي. اسان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جي ان اعلان کي ساراهيون ٿا، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اپوزيشن ۾ رهندي به ميثاقِ جمهوريت تي عمل لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏنو ويندو. اها هڪ بهتر روايت هوندي پر اها ڳالهه صرف اعلان تائين محدود نه رهڻ گهرجي. جمهوري قوتون ڀلي حڪومت ۾ هجن يا وري اپوزيشن ۾، پر انهن جي سگهه گڏيل نموني سان جمهوريت جي بقا، جٽاءَ ۽ استحڪام لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي. اسان ٻنهي سياسي ڌرين مان اها اميد ٿا رکون ته جمهوري اصولن ۽ قدرن جي پاسداري ڪندي ڪو اهڙو عمل نه ڪيو ويندو. جنهن سان جمهوريت کي هاڃو رسي،