|
گهڻ رخي مالياتي ايوارڊ کي ممڪن بڻايو وڃي وقتي صدر جي منظوريءَ کانپوءِ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني، خزاني واري وفاقي وزير سيد نويد قمر جي سربراهيءَ ۾ 10 رڪني قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. ڪميشن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر هوندو، چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ان جا صوبائي سرڪاري ميمبر هوندا، جڏهن ته غير سرڪاري ميمبرن ۾ پنجاب مان سعيد قريشي، سنڌ مان قيصر بنگالي، سرحد مان حاجي عديل ۽ بلوچستان مان ڊاڪٽر گل فراز کي نامزد ڪيو ويو آهي. پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد نويد قمر چيو آهي ته، ڪميشن جو اجلاس جلد گهرايو ويندو، جنهن ۾ ناڻي ورڇ مامرن تي غور ڪري صوبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. هن چيو ته ورڇ جوڳي پول ۾ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ صوبن جو حصو 45 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 55 سيڪڙو هوندو. وسيلن جي ورڇ آباديءَ جي اڪيلي اهڃاڻ آڌار ڪرڻ واري پنجاب جي هوڏ ۽ ماضيءَ ۾ وفاق طرفان پنجاب جي طرفداريءَ سبب ڇهون اين ايف سي ايوارڊ ممڪن بڻجي نه سگهيو آهي ۽ وسيلن جي ورڇ 2006ع ۾ اڳوڻي صدر مشرف طرفان اعلانيل عبوري ايوارڊ تحت ٿيندي رهي آهي. ان ايوارڊ کي غير آئيني ان ڪري به سمجهيو وڃي ٿو ته اهو مالياتي ڪميشن طرفان نه پر هڪ فرد طرفان اعلانيل ايوارڊ آهي، جيڪو پڻ گهڻ رخي فارمولي بدران آباديءَ جي اڪيلي اهڃاڻ جي بنياد تي ڏنو ويو آهي. ملڪ جا ٽيئي صوبا، گهڻ رخي ايوارڊ جي گهر ڪندا رهيا آهن، انهن جي گهر آهي ته آباديءَ سان گڏو گڏ، روينيو اوڳاڙي، ايراضي، غربت ۽ پسماندگيءَ کي به فارمولا ۾ شامل ڪيو وڃي، پر پنجاب آباديءَ جي اڪيلي اهڃاڻ تحت ورڇ واري هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار ناهي. موجوده حڪومت نئين متفقه ايوارڊ لاءِ پنهنجو واعدو پورو ڪندي قومي مالياتي ڪميشن جي جوڙجڪ جو اعلان ڪيو آهي. اسان ان اعلان کي ساراهيندي اها گهر ٿا ڪريون ته ايوارڊ گهڻ رخي بنياد تي ممڪن بڻائڻ لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن. گهڻ رخي ايوارڊ کي ممڪن بنائڻ لاءِ پ پ پ تي وڌيڪ ذميواري ان ڪري به عائد ٿئي ٿي ته پ پ پ گهڻ رخي ايوارڊ جا واعدا ڪندي رهي آهي. هتي اسان سنڌ جي قانون واري وزير اياز سومري جي ان بيان جو حوالو پنهنجي ڳالهه جي پٺڀرائيءَ ۾ ڏيڻ ضروري ٿا سمجهون، جنهن ۾ موصوف چيو هو ته، ”پ پ پ آبادي، غربت، آمدني ۽ پسماندگيءَ جي بنياد تي نئين قومي مالياتي ڪميشن لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي جڏهن حڪومت قائم ٿي ويئي آهي ته گهڻ رخي فارمولي تحت ايوارڊ حاصل ڪيو ويندو.“ هتي اسان اهو به ياد ڏيارڻ جي ضرورت محسوس ڪريون ٿا ته جنوري 2003ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن ۾ پ پ پ به شامل هئي. ٺهراءَ ۾ اهو چيو ويو هو ته هر صوبو وفاقي پول ۾ پنهنجي آباديءَ جي حساب سان حصو ڏئي. اسان هتي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ياد پيا ڏياريون ته پ پ پ حڪومت گهڻ رخي ايوارڊ جي حوالي سان پنهنجا واعدا پورا ڪري. متفقه مالياتي ايوارڊ ۾ اڪيلو پنجاب ئي رڪاوٽ ناهي رهيو، وفاق به صوبن کي سندن گهر موجب 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن ڀيري ته نئين مالياتي ڪميشن جي مقرر ڪيل سربراهه ناڻي واري وفاقي وزير به اهو چئي ڇڏيو آهي ته ورڇ جوڳي پول ۾ صوبن جو حصو 45 سيڪڙو ۽ وفاق جو حصو 55 سيڪڙو هوندو. مطلب ته پنجاب کڻي گهٽ رخي ايوارڊ لاءِ راضي ٿئي، پر وفاق وري به هوڏ تان لهڻ ۽ صوبن کي سندن گهر موجب حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان لاءِ وفاق پنهنجون مجبوريون ڳڻائيندو رهيو آهي، پر صوبن جي مجبورين کي نٿو ڏٺو وڃي. فارمولا ۾ روينيو اوڳاڙيءَ کي شامل ڪرڻ واري سنڌ جي گهر جائز آهي. سنڌ وفاق کي لڳ ڀڳ 69 سيڪڙو حصو ڏئي ٿي، پر موٽ ۾ ان کي صرف 23 سيڪڙو ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته پنجاب 56 سيڪڙو حصو کڻي ٿو. پنجاب پنهنجو حصو آباديءَ جي آڌار کڻي ٿو، ته ان کي وفاقي پول ۾ ڏيڻ به آباديءَ جي حساب سان گهرجي، پر آباديءَ جي اهڃاڻ آڌار ورتو ته وڃي ٿو، ڏنو نٿو وڃي، ان لاءِ وري سنڌ جڏهن اها گهر ڪري ٿي ته اها سڀ کان گهڻو روينيو ڏئي ٿي، ان ڪري ان حساب سان ڏنو وڃي، ته موٽ ۾ سنڌ کي چيو وڃي ٿو ته ماڻهو اهي ٽيڪس پاڪستاني هجڻ جي حيثيت ۾ ڏين ٿا. سوال اهو آهي ته سنڌ کان پاڪستان جي نالي ۾ ورتو ته وڃي ٿو، پر ڏنو ڇو نٿو وڃي؟ نئين قومي مالياتي ڪميشن کي سيلز ٽيڪس وفاق کان وٺي صوبن کي ڏيارڻ گهرجي. سيلز ٽيڪس سڄي دنيا ۾ نج صوبائي ٽيڪس آهي، ان تي به وفاق حق ڄمايو ويٺو آهي، جيڪا پڻ صوبن سان ناانصافي آهي. هڪ طرف وفاق صوبن کي 50 سيڪڙو حصو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ويتر سيلز ٽيڪس کڻڻ ڪهڙو انصاف آهي؟ اسان ته اڳ به اهو چوندا رهيا آهيون ته قومي مالياتي ڪميشن مڪمل آزاد ۽ سرڪاري اثر کان آجي هجڻ گهرجي، ته جيئن اها آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهي، پر هاڻي جڏهن حڪومت نئين قومي مالياتي ڪميشن جو اعلان ڪيو آهي ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته، ماضيءَ جي ناانصافين ۽ 3 صوبن جي بي اطمينانيءَ جو خاتمو ڪندي گهڻ رخي ايوارڊ کي ممڪن بڻايو وڃي ۽ ٽن صوبن جي گهر مطابق آباديءَ سان گڏ، ايراضي، پسماندگي، غربت ۽ روينيو اوڳاڙي کي به اهڃاڻن ۾ شامل ڪيو وڃي. سيلز ٽيڪس، جيڪو نج صوبائي ٽيڪس آهي، اهو صوبن کي ڏياريو وڃي. اسان اها به گهر ٿا ڪريون ته صوبن کي سندن گهر موجب 50 سيڪڙو حصو ملڻ گهرجي. |