سياسي ۽ معاشي بحرانن جو حل ڪير ڳوليندو؟

 

اليڪشن کي اٽڪل 7 مهينا کن گذري چڪا آهن، حڪومتي تبديلي به ٿي وئي آهي، پر جهڙي نموني سان معاشي بحران شديد ٿيندو پيو وڃي، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڄن اسٽيٽسڪو برقرار هجي، ڄڻ اڃا تائين ڪجهه به نئين حڪومت جي هٿ وس نه هجي. سياسي عدم استحڪام پنهنجي عروج تي آهي، جنهن جو زنده مثال ڪراچيءَ جي اسٽاڪ ايڪسچينج جي شديد ٻاڙائي آهي.  جنهن ۾ سيڙپڪارن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا آهن. ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو ڏينهون ڏينهن هيٺ ڪرندو پيو وڃي، تيل جون قيمتون ۽ مهانگائي کي پر لڳي ويا آهن، جو اهي ڪنهن جي پڪڙ ۾ تمام وڏي مشڪل سان اچن ٿيون. بهرحال هر طرف ٻيو ڪجهه به ڪونهي، سواءِ بحرانن جي. ڪٿي حڪومتي اتحاد ۾ بحران آهي ته ڪٿي وري ججن جي بحاليءَ جو بحران آهي، جج بحال ٿين ٿا ته وري معزول جسٽس  افتخار محمد چوڌريءَ جي بحاليءَ تي بحران پيدا ٿيو پئي. ڪٿي صدارتي اليڪشن جي حوالي سان بحران آهي، جو ڪن جو خيال آهي ته پهرين جج بحال ٿين، پوءِ صدارتي اليڪشن ٿئي، ۽ اي پي ڊي ايم ته صدارتي اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو باضابطه طور مطالبو به ڪري ڇڏيو آهي. شيون ايتريون منجهيل آهن، ڄڻ ريشم جو ڪو سٽ منجهي پيو هجي. ان سٽ جو ڪو سرو پيپلز پارٽيءَ وٽ آهي، ڪو پاسو نواز ليگ وٽ آهي، ڪا ڪنڊ اي پي ڊيم ايم جي هٿ ۾ آهي ته ڪو ڌاڳو وڪيلن جي اڳواڻن وٽ آهي. هر ڪو پنهنجي پنهنجي پاسي کي ڇڪي رهيو آهي، نتيجي ۾ سٽ سلجهڻ بدران وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن منجهندو.

قبائلي علائقن ۾ ساڳي صورتحال آهي، جيڪا اليڪشن کان اڳ هئي، ننڍن صوبن جي زخمن تي پها رکڻ لاءِ ڪا سرگرمي ناهي ٿي، صوبائي خودمختياريءَ جون ڳالهيون ڪندڙ پارٽين به ان طرف کان وک وڌائڻ جي ناهي ڪئي. ڪي معاشرا اهڙا هوندا آهن، جتي رڳو مسئلن جي نشاندهي ٿيڻ جي دير هوندي آهي، ۽ مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. پر اسان وٽ ڪن مسئلن جي نشاندهي کي ورهيه لنگهي ويا آهن، پوءِ به جيڪڏهن نظر ڦيرائي ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته گاڏي اتي جو اتي بيٺل آهي. ڪنهن به مسئلي کي کڻي ڏسو، ان لاءِ ماڻهو دانهون ڪندا رهن ٿا، ميڊيا ڪاغذ ڪارا ڪندي رهي ٿي، پر حالت ساڳي جا ساڳي آهي. زراعت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کان وٺي ناڻي جي ورهاست وارن مسئلن تائين، بجليءَ جي بحران کان وٺي، تيل جي اگهن تائين توڙي مهانگائيءَ کان وٺي ننڍن صوبن جي احساس محروميءَ تائين جا لقاءَ ڄڻ ته بدلجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. ايئن ڇو آهي؟ ايئن اتي ٿيندو آهي، جتي يا ته ڪو به نظام ناهي هوندو، يا وري حڪومتي نظام افراتفريءَ جو شڪار هجي، جتي مسئلا حل ڪرڻ وارا ادارا پنهنجن اندروني بحرانن جي ور چڙهيل هجن، جتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن وٽ فرض شناسيءَ جو بحران هجي، جتي بنيادي خدمت وارا ادارا ”خدمت“ بدران بس ٽائيم پاس ڪندا هجن، جتي ماڻهن کي ماڻهو نه سمجهيو وڃي، جتي سرڪاري مشينري نه ماڻهن جو آواز ٻڌي سگهندي هجي، ۽ نه وري پنهنجي اندر جو آواز ان کي ٻڌڻ ۾ اچي. جهڙي نموني سان ملڪ جو بي پهچ عوام مسئلن کي ڀوڳي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته مسئلن ختم ٿيڻ کان اڳ عوام جو وڏو انگ ختم ٿي ويندو. ملڪي تاريخ ۾  اعلانن ۽ واعدن سان عوام جي دل وندرائبي رهي آهي، پر هاڻي ڳالهه دل وندرائڻ کان چڙهي چڪي آهي، هن مهل سوال انساني وجود جو آهي. هن وقت وڏو سوال آهي ته انهن جو وجود ڪيئن بچندو؟ ۽ جڏهن سوال وجود جو هجي ته ماڻهو دل وندرائي ڇا ڪندو؟ ٻين ڳالهين کان سواءِ مهانگائي وري هڪ اهڙو ڏچو آهي، جنهن لاءِ الڳ روئڻو ٿو پئي. هيءُ به اهڙو معاملو آهي، جنهن لاءِ نه رڳو ماڻهو دانهون ڪندا رهن ٿا، پر ان مسئلي ته ڪيترائي ڀريا تريا گهر اجاڙي ڇڏيا. مهانگائيءَ جي ڪري ماڻهو ٻچن کي ٽن ويلن جي ماني نه ڏئي سگهندا ته وٽن خودڪشيءَ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو رستو بچندو؟ اهڙا کوڙ واقعا آهن، جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن ته ماڻهن معاشي تنگدستيءَ جي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪن هنڌن تي بک ۽ بدحاليءَ کان تنگ ٿي اجتماعي آپگهات جا واقعا به منظر تي آيا. هاڻ جڏهن رمضان المبارڪ جو مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، ان ڀلاري مهيني دوران هر سال ايتري مهانگائي وڌي ويندي آهي، جو اڳواٽ ئي غربت ۾ پيڙيل ماڻهو انتهائي قدم کڻڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهن. ڪيتريون ته اهڙيون خبرون به اچڻ شروع ٿي وينديون آهن ته ڪن هنڌن تي ڪنهن ماڻهوءَ ٻارن کي عيد جا ڪپڙا نه وٺي ڏيڻ واري احساس سبب آپگهات ڪري ڇڏيو. ان قسم جا واقعا ڪنهن به حساس انسان کي جنجهوڙڻ لاءِ تمام گهڻو ڪافي آهن، پر الائي ڇو جن ڌرين کي مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري آهي، سي ڪو به احساس نٿيون ڪن؟ ان لاءِ آخر ڪيتريون دانهون ڪجن، ڪيترا پنا ڪارا ڪجن؟ هونءَ به ماڻهن کي ڪو رليف ملندو، اهو ته رڳو سوچي سگهجي ٿو، ان تي عمل ٿيندو، ان لاءِ لڳي ٿو ته صدين جو انتظار گهربل آهي.

انهيءَ صورتحال جو اهم ترين ۽ ڏکائيندڙ پهلو اهو به آهي، جو اهي قوتون بلڪل الڳ الڳ ٿي ويٺيون آهن، جن مٿان صورتحال منجهائڻ جي ذميواري پوندي رهي آهي. اهي تماشو پيون ڏسن. انهن سمورن مسئلن جي حل ۾ دير سبب مايوسيءَ واري صورتحال جنم وٺي رهي آهي، جو ماڻهو سوچين ٿا ته هاڻي جڏهن انهن جي پنهنجي مرضيءَ جي سرڪار وجود ۾ آئي آهي، تڏهن به انهن کي ڪو رليف نٿو ملي ته نيٺ ڪير ايندو، جيڪو کين هنن ڏکين حالتن مان ٻاهر ڪڍندو؟