روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

محترمه جي حڪومت ۾ محترمه جا قاتل بينقاب ڇو نٿا ٿين؟

                محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي اٺ نوَ مهينن کان مٿي وقت گذري ويو آهي، پر سنڌي ماڻهن جي ڏک ۽ تڪليف واري ڪيفيت ۾ ذرو به گهٽتائي ڪا نه آئي آهي. عوام کي اهو واقعو بلڪل تازي ڳالهه محسوس ٿي رهيو آهي. پوري ملڪ ۾ هينئر تائين سوڳ واري صورتحال آهي، خاص ڪري سنڌ ته مسلسل تڙپي رهي آهي. محترمه هن ديس واسين لاءِ هڪ اميد هئي، ۽ سندس شهادت کانپوءِ ڄڻ ته اها اميد راهه ۾ رلي وئي آهي. غير يقيني واري صورتحال مسلسل قائم آهي. عوام کي سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته سندس مستقبل جا ڇا ٿيندو؟ سياسي ميدان تي نظر وجهجي ٿي ته هن جهڙي مقبوليت رکندڙ ڪو به سياستدان ڪو نٿو سجهي. هوءَ ته عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ ليڊر هئي. ماڻهو کيس پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پيار ڪندا هئا ۽ سندس نه هجڻ وارو احساس ئي ساهه منجهائڻ جهڙو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کي ايترو وقت گذري چڪو آهي، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته صدر پ پ جو، وزير اعظم کان وٺي وزيرن تائين معنيٰ ته سڄو پاڪستان پ پ جو آهي، پر حڪومت طرفان سندس قاتلن تائين پهچڻ جي اڃا تائين ڪا به اميد نظر ڪو نه پئي اچي. ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ ٻڌايو پئي ويو ته محترمه جي قتل ڪيس جي جاچ گڏيل قومن کان ڪرائي ويندي، پر هن معاملي ۾ جيئن جيئن دير ٿي رهي آهي، تيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ مختلف خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ماڻهن کي اهو خدشو تنگ ڪري رهيو آهي ته ڪٿي ماضي ۾ ٿيل سانحن جيان هن سانحي ۾ ملوث ڪردارن مٿان به پرده پوشي نه ڪئي وڃي. ايڏي وڏي ليڊر جو قتل جنهن لاءِ پوري دنيا روئي رهي آهي، ان جي شهادت کي پنهنجو گڏيل نقصان چئي رهي آهي، ان جي ڪيس کي به جيڪڏهن روايتي انداز ۾ بغير ڪنهن نتيجا ظاهر ڪرڻ جي فائلن ۾ بند ڪيو ويو ته اهو عوام تي هڪ ٻيو ظلم هوندو. اسان چاهيون ٿا ته محترمه بينظير جي قاتلن کي جلد بي نقاب ڪري عوام آڏو آندو وڃي جيستائين سندس قاتلن کي سزا نه ملندي، تيستائين عوام جي دل تي ڇنڊا نه پوندا. اسان جي صدر صاحب کي اپيل آهي ته محترمه جا قاتل بينقاب ڪري منظرعام تي آندا وڃن.

حاڪم ڪمار سوناڻي/ٿر

قادرپور گئس فيلڊ جو وڪرو ڪنهن جي فائدي ۾؟

                سنڌ جا سورن ماريا سٻاجهڙا انهيءَ اميد تي حياتي جا پل ڳڻيندا رهيا آهن ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڏکن جا ڏينهن ختم ٿيندا ۽ سک جو سانوڻ وسندو. ون يونٽ ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين اها اڻ تڻ متل آهي ته سنڌ جون زمينون وڪرو ٿين ٿيون، نوڪريون وڪرو ٿين ٿيون، فيڪٽريون وڪرو ٿي ويون، پر ڪو واڪا ٻڌڻ وارو ٻروچ اڃا پيدا ئي نه ٿيو آهي. آمريتي حڪومتي دورن ۾ ته سنڌين لاءِ رڻ ٻريل هوندو آهي، هاڻي آخري آسري طور جمهوري حڪومت ۾ آسون ۽ اميدون آهن. ڏسون ۽ ٻڌون ٿا ته سنڌ دشمن مخلوق وري هوش وڃائي جمهوريت دشمن بڻجي آمريت جي ڇانءَ حاصل ڪرڻ لاءِ آتي ٿي پئي آهي. انهن کي دوزخ جي باهه به وڻندڙ لڳندي، پر موجوده حڪومت جي ٿڌي ڇانءَ ۾ به پيا پاڻمرادو سڙندا رهندا آهن. اردو ميڊيا تي تجزيا ۽ تبصرا ٻڌو يا اردو جي وڏين اخبارن جا ڪالم پڙهو ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ته ملڪ جون واڳون خدا نخواسته ڪنهن ملڪ دشمن پارٽي جي هٿن ۾ اچي ويون آهن. ساڳي ريت بي بي سي ٻڌو يا وائيس آف آمريڪا ريڊيو انهن وٽ به اهڙا مخصوص مبصر ۽ نامه نگار مقرر ٿيل آهن، جيڪي حڪومت دشمني جا پراڻا رڪارڊ ٽوڙڻ جي چٽا ڀيٽي ۾ مصروف آهن. آمريت سان انهن جو ايڏو پيار ۽ هن جمهوريت سان ڌڪار سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. هاڻي اهڙي ماحول ۾ سنڌ جا معدني اثاثه وڪڻي اڃا سنڌ کي ڪمزور ڪجي ته اها خودڪشي چئبي. قادرپور گئس فيلڊ وڪڻي ڇڏيو ته اها وفاق جي خرچ تي ٺهيل آهي ۽ ٿر جي سياسي اڳواڻي ڪندڙ به اها ٻولي پيو ٻولي ته قادرپور گئس فيلڊ وڪڻڻ سان ڪو به معاشي فرق نه پوندو. پوءِ سنڌ واسين ڪنهن کي دانهن ڏين. اڳين دور ۾ جڏهن سياسي سردار پنجابي بيوروڪريسي سان ٻٽ ٿي مقامي ماڻهن جي احتجاج کي دٻائڻ جو ذمون کڻي پنهنجا پيٽ ڀريندا هئا. هاڻي ته اها روش ختم ٿيڻ گهرجي. عوامي نمائندا ته پنهنجون فيڪٽريون ٻن مان چار بڻائڻ لاءِ پريشان آهن ۽ انهن جو وڪرو ته پنهنجو نقصان سمجهن ٿا، پر گئس فيلڊ وڪڻڻ لاءِ ڪو به فرق نه پوڻ جا نياپا پيا ڏين. قادرپور گئس فيلڊ ڪا فيڪٽري ته ناهي، هيءَ ته سنڌ ڌرتي مان نڪرندڙ دولت آهي، جنهن کي وڪڻي اسان ڪيترو گنهگار ٿينداسون، ان تي به سوچڻ گهرجي. سنڌ انهن کي سڃاڻپ ڏني آهي، ان ڪري هو پاڻ کي سنڌ جو دوست ثابت ڪن، نه ڪي واپاري بڻجي وڃن. هن فيلڊ جو سمورو گئس پنجاب ڏانهن وڃي ٿو ۽ سنڌ کي فقط گهوٽڪي شهر لاءِ سپلاءِ  ملي ٿي. هن سال فقط خانپور مهر ڏانهن لائين پهچائي ويئي آهي. اهو ڏسڻ گهرجي ته سنڌ کي ان مان تيرهون حصو به ملي ٿو يا نه؟ فيلڊ سان مليل ڳوٺ به گئس ملڻ جي آسري ۾ آهن، پر پنجاب جا ڳوٺ ۽ ڪارخانه هن گئس تي هلن ٿا. سائين نويد قمر بهتر ٻڌائي سگهي ٿو ته اڳ ۾ وڪرو ڪيل عوامي اثاثن مان ملڪي خزانو ڪيترو پاڻڀرو ٿيو آهي ۽ معيشت ۾ ڪيترو سڌارو آيو آهي، جيڪو قادرپور فيلڊ وڪڻڻ سان اسان کي ٻين جي محتاجي مان ڪڍندو. قادر پور گئس فيلڊ کي وڪري کان بچائڻ نه رڳو مقامي ماڻهن جو ذمو آهي، پر پوري سنڌ لاءِ ان جو تحفظ ڪرڻ لازمي آهي. هر سياسي، عوامي ۽ سماجي تنظيمن فيلڊ بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، خاص طور پيپلز پارٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

تراب شاهه/گهوٽڪي

پرديسي پکين جي پارت اٿوَ!

هر سال سياري جي ٿڌڙي ۽ پريت واري موسم ۾ پرديسي پکي سنڌ جي سونهن ۽ ساڀيان کي سياري ۾ جلا بخشيندا آهن. هنن معصوم ۽ پرديسي پکين جي آجيان بندوق جي ٺڪائن سان ۽ باز جي پنجن سان ڪندا آهن. پکي نه رڳو قدرتي حسن جي عڪاسي ڪن ٿا، پر سنڌ توڙي هند ۾ موجود قدرتي ماحول جو حصو آهن، جنهن جي ايتري وڏي مارا ماريءَ سان ماحولياتي نظام ۽ ان ۾ موجود ايڪو ريجن تباهه ٿي رهيا آهن. سياري جي سرد موسم ۾ پرديسي پکين سان ٿيندڙ هي ويڌن ۽ انهن جو بيگناهه رت اسان کان پڇي ٿو ته ڇا پرديسن کي مارڻ اسان جي روايت آهي؟ ڇا معصوم ۽ بيگناهن جو خون ڪرڻ اسان جي ثقافت آهي؟ ٿر ۽ ڪوهستاني پٽيءَ جا ڪجهه مفاد پرست ماڻهو عرب شهزادن کي دعوتون ڏئي پرديسي پکين جو رت وهائي پنهنجا مفاد حاصل ڪندا آهن. وائلڊ لائيف انتظاميا پنهنجو فرض پورو پورو ادا ڪندي، انهن شڪارين کي تحفظ ۽ سهولت مهيا ڪندي آهي. نالي خاطر ٺهيل شڪار ۽ جهنگلي جيوت وارو کاتو انهن پکين کي بي يار و مددگار شڪار ٿيڻ لاءِ ڇڏيندو آهي. سرڪاري ڀوتار پنهنجا نمبر ٺاهڻ يا وري اعليٰ اختيارين کي خوش ڪرڻ لاءِ وڏن آفيسرن، ناظمن ۽ وزيرن جي مان ۾ دعوتون ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي معصوم ۽ بيگناهه پرديسي پکين جي رت جا داغ لڳائيندا آهن. هينئر جڏهن سياري جي آمد ٿي چڪي آهي، پرديسي پکين پنهنجا پر سنڌ جي هوائن ۾ هلايا آهن، اتي ڇا هن ڀيري به پرديسي پکين کي ماريو ويندو؟

صادق خاصخيلي/سانگهڙ

تعليم سان اهڙي ويڌن ڪير پيو ڪري؟

                سنڌ آڳاٽي زماني کان علم جي زيور سان ٽٻ ٽار رهندي آئي آهي، پر خبر ناهي ته هن وقت بنيادي تعليم جي ٻيڙي وچ سير ۾ ڇو ڦاٿل آهي؟ اهو انهيءَ ڪري تعليم جو بڻ بنياد پرائمري کان مٿي اچي ٿو، پر انهيءَ مهل هانءُ جهري پوي ٿو ته اسان جي علم جا پارکو معصوم نسل جي تر جيتري سماءَ رکڻ لاءِ تيار ناهن، ان ڪري اسين ڀت سان گهڻو اڳ لڳل هئاسين، پر گنهگار اکين پاڻ سڄو خوفناڪ منظر ڏٺو ته ڪيئن اسين تيزيءَ سان پستي طرف وڃون پيا. سڀ ڪنهن وٽ عجيب و غريب حوال ٺهيا ٺڪيا پيا آهن. مطلب سنڌ جو فڪر جيڪو استادن کي پار  پڃائڻو هيو، انهن نابري واري ڇڏي آهي. چون ٿا ته اسان تي ڪمن جا انبار آهن، ڇو ٿا سچ چئي اسان جو رت سڪايو!! تازو پير مظهر استادن جي ڀلي لاءِ گريڊ اڳتي ڪرائي پيو، من ڪا مٺڙي لاٽ ٺاهي. نسل بچائڻ جي سنڌ جو اونو هر ڇٽانگ کن شعور رکڻ واري شخص کي ضرور هوندو آهي، نسلن جي درد جو دارون ڪير ٿيندو؟ حالت اها آهي ته فخر سان چوندا آهن، ڇو اسڪول وڃون اسان جو ڪم مايا جي معرفت هلي پيو. ديهي ڀوتار چاهي ٿو ته هي سمورا منهنجي سامهون نظر ايندڙ آڱوٺي ڇاپ هجن ته جيئن منهنجي باري ۾ ڪو سوچي ئي نه سگهي. يونين چاهين ٿيون ته هي سمورا عهديدار ڪاٺي ڀڃي ٻيڻي نه ڪن، ڇاڪاڻ ته هي هاڻي عزت ماب جو ٿي ويا. گذريل حڪومتن ڀوتارن کي اسڪولن جون بلڊنگون ان لاءِ ڏنيون ته بصرن، ڀاڻ، ڦٽين، مرچن جا گدام ئي هجن. مڃون ٿا ته مهانگائي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، پر ان جو پلاند ٻاتڙي ٻولي ٻولڻ وارن کان ڇو ٿا وٺو!؟ اڪثر هاءِ اسڪولن ۾ وري ڪاپي ڪرائڻ واري کي شاباس جو تمغو ڏبو آهي، نڪي سبجيڪٽ پورو ڪندڙ کي. ڀلا هي ڪهڙي قسم جا ماپا اسان جي ڪنڌ ۾ پيا آهن، جو ڊگرين جا انبار رکندڙ ٺوڪرون کائي، پر مير، پير، ڀوتار ۽ ڪاموري جو اکين ٺار پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٻوڙي پيو جاوا ڪري. سنڌ جو نسل علم کانسواءِ جڏڙو آهي، ان جي لاءِ سرڪار تحرڪ وٺي ته ڪٿي ڪٿي جهول آهن. انهن جو تدارڪ هميشه خلوص نيت سان ڪرڻ ۾ جيترو مزو آهي، ٻئي شيءِ ۾ نه آهي. حل استان جي مسئلن سان سلهاڙيل آهي.

جميل لاشاري/ميرپورخاص

ڪنڊيڪٽر گاڏيون ڇو ٿا هلائين ؟

                جڏهن کان ملڪ ۾ لاقانونيت جو راڄ شروع ٿيو آهي ته هر پاسي بي چيني، بي سڪوني، پريشاني، بدامني، روڄ راڙو، ڪيئي ويڙها ويران ٿيندي نظر پيا ٿا اچن. روز ايڪسيڊنٽ وغيره. اهي سڀ لاقانونيت جي عيوض اسان کي سلا ملندا رهن ٿا. 08-10-5 تاريخ واري اخبار ۾ پڙهيم ته ماتلي لڳ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن ۾ تقريبن 10 جانيون زيان ٿيون، ڪيئي زخمي ٿيا. ڪهڙي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته ڊرائيور آرام پئي ڪيو، ڪنڊيڪٽر ڪوچ هلائي پئي. ڊرائيور جي معمولي غفلت جي ڪري ڪيترن معصوم ماڻهن جون زندگيون موت جو کاڄ بڻيون. اهڙا ته ڪيترائي واقعا پيش اچن ٿا، پر ڪنهن به انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس نه ورتو آهي ته ڊرائيور گاڏيون ڪنڊيڪٽرن کي هلائڻ لاءِ ڏين ڇو ٿا؟ قانون جا رکوالا اهڙن خوني ڊرائيورن کي ڇو وڌيڪ جانيون ڳڙڪائڻ جي ڇوٽ ڏين ٿا. اهڙن ڊرائيورن کي ٻيڻي سزا ڏني وڃي، جيڪي پنهنجي معمولي آرام لاءِ معصوم انسانن جي زندگي سان کيڏن ٿا. ڪنڊيڪٽر کي ڪهڙي مجال آهي، جو هيٺ مٿي گاڏي سيٽ بائي سيٽ ڀريل هجي، انهيءَ گاڏي کي هلائي. انهيءَ ۾ گاڏي مالڪ، ڊرائيور ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سڀئي برابر جا شريڪ آهن.

محمد قاسم خاصخيلي/ڪنري