روزاني ڪاوش - هائيڊ پارڪ _ اڄ جي بهترين لکڻي

مشرف جي وڃڻ کانپوءِ هاڻ ججن جي بحالي جو انتظار آهي

                18 آگسٽ تي اڳوڻي صدر مشرف جي 8 سال 10 مهينن ۽ 7 ڏينهن جي حڪمراني جي دور پڄاڻي ٿي ۽ نيٺ ان جمهوريت جي فتح ٿي جنهن جو پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو نعرو هنيو هو ته ”بهتر بدلو جمهوريت آهي“. اڳوڻي صدر پرويز مشرف مواخذي جي خوف کان شايد استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. آگسٽ جو مهينو هڪ ٻئي ڊڪٽيٽر لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ عوام لاءِ خوشين وارو ثابت ٿيو. ضياءَ الحق 17 آگسٽ 1988ع ۾ هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿيو، جڏهن ته پرويز مشرف کي 18 آگسٽ تي استعيفا ڏيڻي پئجي وئي. جيتوڻيڪ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ عرصي واري آخري تقرير ڪئي، ان ۾ مٿس جيڪي چارج شيٽ ۾ الزام لڳايا پئي ويا، جيئن لال مسجد آپريشن،بينظير ڀٽو ۽ نواب اڪبر  بگٽي جو قتل وغيره انهن جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو. پرويز مشرف ملڪي تاريخ جو پهريون ڊڪٽيٽر آهي، جنهن عوامي دٻاءُ آڏو مجبور ٿي استعيفا ڏني. مشرف جي استعيفا اصل ۾ بينظير جي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، جو هن مشرف کان وردي لهرائي، چونڊون ڪرايون ۽ ان ڏينهن کانپوءِ ئي هن جو زوال شروع ٿيو هو. هاڻ مشرف ته ويو هليو پر جج به واعدي مطابق بحال ٿيڻ گهرجن. هاڻ مشرف جي استعيفا کانپوءِ ججن کي بحال ڪرن لاءِ ٽن ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي، ڏسجي ته انهي تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو، ان کان علاوهه جلد نئون صدر چونڊيو وڃي جيڪو پيپلز پارٽي جو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جمهوريت لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ۽ اها اڪثريت سان کٽي آيل پارٽي آهي.

عبدالرحمان جروار/ٽنڊوالهيار