روزانه ڪاوش

پير ڳوٺ ڀرسان پراسرار بيماري نوجوان ناري کي زندگيءَ مان مايوس ڪري ڇڏيو

پير جو ڳوٺ (ن ڪ) پير ڳوٺ ڀرسان نوجوان ناري پراسرار نموني بيماري ۾ مبتلا ٿي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، غربت سبب صحيح علاج نه ٿيڻ سبب ناري زندگي مان بيزار ٿي موت لاءِ واجهائڻ ۾ مصروف، پورهيت پيءُ زندهه لاش بڻجي ويل ڌيءَ جي حالت ڏسي روز جيئڻ ۽ روز مرڻ لڳو، ڳوٺ پير بادل شير جي رهواسڻ 17 ورهين جي روزينا کي 2 سال اڳ پير جي ننهن وٽ ڦلوڪڻو نڪتو، جنهن بعد سندس جسم جي کل لهڻ شروع ٿي وئي، حيثيت آهر علاج ڪرائڻ باوجود ڪوبه فرق پوڻ بجاءِ بيماري هيڪاري وڌي وئي ۽ سندس جسم ڳرڻ لڳو ۽ نيٺ مرض کيس زندهه لاش بڻائي ڇڏيو آهي، روزينا بيماري کان تنگ ٿي وئي آهي ۽ هن جيئڻ جا جتن ڇڏي موت لاءِ واجهائڻ شروع ڪيو آهي، جڏهن ته پورهيت پيءُ لطف علي لاکو نوجوان ڌيءَ جي حالت ڏسي هيڪاري هنيانءُ هاري ويٺو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڌيءَ جي علاج لاءِ گهر به وڪڻي ڇڏيو آهي پر ڪٿان به کيس شفا نه ٿي ملي، ڊاڪٽر ڪراچي جي ڪنهن وڏي اسپتال يا پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ صلاحون پيا ڏين پر مان ٻچن جو پيٽ به نه ٿو پالي سگهان، نياڻي جي علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان آڻيان؟ واضح رهي ته لطف علي لاکو تعليم کاتي ۾ پٽيوالو هو پر اختيارين کيس نوڪري مان به ڪڍي ڇڏيو آهي.