|
رتيديري ۾ علاج ڪرائڻ آيل ڳڙهي ياسين واسي پراڻي تڪرار تان قتل
رتوديرو
(ن ڪ) رتيديري جي ڊاڪٽر صاحب راءِ جي ڪلينڪ ٻاهران 4 هٿياربندن
پستولن جا سڌا فائر ڪري عيساڻي واهه تعلقي ڳڙهي ياسين جي
رهواسي 40 سالن جي پيرل پٽ گلشير مارفاڻي کي قتل ڪري فرار ٿي
ويا، رتوديرو پوليس مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم واسطي تعلقي
اسپتال پهچايو، مقتول سان گڏ رتوديرو آيل مسمات جانل زال سوڍو
مارفاڻي پوليس کي ٻڌايو ته مقتول سندس ڏير آهي، اهي رتيديري ۾
ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته گهٽي ۾ اڳ ئي
بيٺل جعفري برادري جي هٿياربندن پيرل کي قتل ڪيو، هن پوليس کي
ٻڌايو ته جعفرين سان سندن پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي. |