روزانه ڪاوش

ڪوٽڙي ۾ پيءُ پاران ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيل ناري فوت

ڪوٽڙي (ن ڪ) ڪوٽڙي جي خانپور واري علائقي ۾ 3 ڏينهن اڳ غلام محمد ڪليار پاران گهرو تڪرار تان ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪيل سندس ڌيءُ انجم عرف ببلا ڪليار زخمن جا سور نه سهي سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي وئي، جنهن جي لاش کي سندس آبائي ڳوٺ لاڙڪاڻي نيو ويو آهي، هوڏانهن ڪوٽڙي ٿاڻي تي ناري جي ڀاءُ عاشق حسين ڪليار جي فرياد تي جوابدار غلام محمد ڪليار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، هوڏانهن ڪوٽڙي ٿاڻي تي گرفتار ڪيل 60 سالن جي غلام محمد ڪليار چيو ته ڪاوڙ ۾ اچي ڌيءُ کي ڪهاڙيون هنيون، هاڻ پڇتاءُ آهي.