|
روزانه ڪاوش |
|
پير ڳوٺ ۾ صحافين تي تشدد خلاف خيرپور ۾ مظاهرو،ڊي پي او پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم خيرپور(ن ڪ) پير ڳوٺ جي صحافين تي تشدد خلاف خيرپور ۽ پيرڳوٺ جي صحافين خيرپور ۾ ڊي پي او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي اڳواڻي خان محمد، علي محمد سولنگي ۽ خادم جوڻيجو ڪري رهيا هئا، بعد ۾ صحافين جي وفد ڊي پي او پير محمد شاهه سان ملاقات ڪري کيس صحافين تي خدا بخش ميتلو جي رهواسي هٿياربندن پاران ڪيل تشدد کان آگاهه ڪيو، ڊي پي او احمد پور پوليس کي حڪم ڪيو ته صحافين جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. |