|
روزانه ڪاوش |
|
وڏا ماڇيون لڳ غربت سبب بيواهه عورت پنهنجا 2 معصوم ٻار لک رپين عيوض وڪڻي ڇڏيا خيرپور (رپورٽ: خان محمد) وڏا ماڇيون ويجهو ڳوٺ سونو سولنگيءَ جي رهواسڻ مسمات شمل زال مرحوم غلام مصطفيٰ سولنگي غربت ۽ مهانگائيءَ سبب پنهنجا 2 معصوم ٻار هڪ لک رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا، مسمات شمل عيد کان اڳ پنهنجا 2 ٻار 6 سالن جي روبينه عرف گڏي ۽ 4 سالنجو مبين وڪرو ڪرڻ لاءِ سکر وڃي رهي هئي ته کيس پنهنجي برادري جي حضور بخش سولنگي روڪي ورتو ۽ کيس چيو ته آئون هڪ لک رپيا عيد کانپوءِ ادا ڪري ٻار وٺندس. ڪالهه حضور بخش سولنگي مسمات شمل کي رقم ادا ڪري 2 ئي ٻار خريد ڪري ورتا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته مسمات شمل جو مڙس غلام مصطفيٰ سولنگي فوت ٿي چڪو آهي ۽ سندس وڏو پٽ اُستاد واحدبخش مڱڻهار جي قتل ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل آهي، جنهن سبب سندن خاندان جو گذر سفر مشڪل بڻجي ويو هو. مسمات شمل ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن پنهنجا 2 ٻار غربت سبب وڪيا آهن ۽ هوءَ غربت آڏو تمام گهڻو مجبور آهي سندس ڪوبه ڪمائڻ وارو ناهي ۽ کيس 9 ٻار ٻيا به آهن، جن ۾ علي مدد، سيف الله، علي مردان، راشد، تسمينه، ثمينه، سيما، سعيده ۽ مبينه شامل آهن. هن ٻڌايو ته سندس وڏو پٽ علي رضا کي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، جيڪو به روپوش آهي ۽ سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته وڪرو ٿيل نينگري روبينه پنهنجي امڙ ۽ ڀائرن ڀينرن کي ياد ڪندي حضور بخش سولنگيءَ جي گهر مان نڪري پنهنجي امڙ جي گهر اچي پهتي آهي.
|