|
روزانه ڪاوش |
|
ڇاڇري ڀرسان مڙس جي تشدد بعد ناري پاڻ کي ماري ڇڏيو،لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفن ڇاڇرو(ن ڪ) ڇاڇري ڀرسان مڙس ڪم جو جواب ملڻ تي پنهنجي گهر واري مٿان وحشياڻو تشدد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو، هوش ۾ اچڻ بعد ناري زهريلي دوا پي انت آڻي ڇڏيو، ذريعن موجب ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ڪمڙهار جي رهواسي خميسو ڀيل پنهنجي گهر واري هريان ڀيل کي ڪنهن ڪم جو چيو، ناري پاران جواب ڏيڻ تي مٿس سخت تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هوءَ ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ گهر ۾ پيل رهي ۽ هوش ۾ اچڻ بعد زهريلي دوا پي انت آڻي ڇڏيو، نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ناري جي مڙس خوف ۾ اچي ڀر واري ڳوٺ ڪيتار جي چڱي مڙس کي گهرائي تفصيل ٻڌايا، جنهن کيس ناري کي دفنائڻ جي صلاح ڏني ۽ ڳوٺاڻن تي دٻاءُ وڌو ته جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ظاهر ڪئي ته مٿن ناري جي خون جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو، بعد ۾ ڳوٺاڻن ۽ چڱي مڙس بنا پوسٽ مارٽم جي ناري کي دفنائي ڇڏيو، جڏهن ته چڱي مڙس ڀرسان پوليس پوسٽ تڙ احمد جي انچارج کي ٻڌايو ته عورت جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو ۽ هن زهريلي دوا پي خودڪشي ڪئي آهي، جنهن بعد کيس رشوت ملڻ تي پوليس به چپ ٿي وئي، ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته ناري جي ماءُ ۽ پيءُ جيڪي عمرڪوٽ ۾ رهندا آهن تن تي دٻاءُ وجهي خون عيوض ۾ سڱ ڏيڻ جي خاطري تي کين راضي ڪري واپس روانو ڪري ڇڏيو.
|