|
روزانه ڪاوش |
|
ڊگهڙي ۾ گم ٿيل ٻارڙي مبينا ڏاڍائي بعد پوليس حوالي،هڪ ڄڻو گرفتار ڊگهڙي(ن ڪ) ڊگهڙي جي غريب آباد پاڙي مان 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 4 سالن جي ٻارڙي مبينا ڏاڍائي بعد پوليس حوالي، هڪ ڄڻو گرفتار، ڊگهڙي جي غريب آباد پاڙي مان 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل چئن سالن جي معصوم نينگري ناديه کي هڪ شخص ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، معصوم ناديه جي پيءُ تعارف علي راجپوت صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ ناديه ٻه ڏينهن اڳ گهر ٻاهران راند ڪري رهي هئي ته گم ٿي وئي، جنهن کي جوابدار علي خاصخيلي ۽ هڪ نامعلوم اغوا ڪرڻ بعد ڏاڍائي ڪئي، بعد ۾ ٿاڻي تي ڇڏي فرار ٿي ويا، ڊگهڙي پوليس نينگري جي پيءُ جي فرياد تي ٻارڙي سان ڏاڍائي جو ڪيس جوابدار علي خاصخيلي ۽ هڪ نامعلوم خلاف داخل ڪري ٻارڙي کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقي اسپتال موڪليو ۽ جوابدار ڄاڻايل علي خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار ڄاڻايل علي خاصخيلي صحافين کي ٻڌايو ته مون کي اها ٻارڙي رات جو هڪ وڳي ريلوي ڦاٽڪ تي ننڊ پيل حالت ۾ ملي، جنهن کي آئون پنهنجي گهر کڻي ويس ۽ ٻئي ڏينهن ڊگهڙي ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، ٻارڙي سان ڏاڍائي ناهي ڪئي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل شخص ٻارڙي کي ٿاڻي تي ڏئي ويو هو، پر ڪيس داخل ٿيڻ سبب کيس گرفتار ڪيو آهي، وڌيڪ خبر ميڊيڪل رپورٽ بعد پوندي.
|