|
ٺٽي جي
تاريخي بادشاهي مسجد ۽ سول اسپتال ۾ بمن جا اطلاع:هڪ مريض
فوت:انتظاميا جي بي حسي
ٺٽو(رپورٽ: عثمان ميمڻ) ٺٽي جي بادشاهي مسجد ۽ سول اسپتال
مڪلي ۾ بمن جا اطلاع، شهرين ۾ هراس، سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ
۾ داخل مريض دل جو دورو پوڻ سبب فوت، پوليس مسجد کي ڪڙو چاڙهي
نمازين جي داخلا بند ڪري ڇڏي، پوليس ۽ آزاد ذريعن موجب ڪراچي
پوليس ڪنٽرول روم کي ڪنهن نامعلوم شخص موبائيل فون ذريعي اطلاع
ڏنو ته ٺٽي جي بادشاهي مسجد ۾ بم رکيل آهي، اهو بم ظهر جي نماز
وقت ڦاٽندو، ڪراچي پوليس فوري طور تي ٺٽو پوليس کي اطلاع ڏنو،
جنهن بعد ايس پي او نور الدين سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن
مسجد جا سمورا دروازا بند ڪري ماڻهن جي داخلا بند ڪرڻ بعد
حيدرآباد جي بم ڊسپوزل عملي سان رابطو ڪيو، جيڪو 4 ڪلاڪ دير
سان پهتو، جڏهن ته مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ آيل ماڻهن کي تلاشي
بعد مسجد ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، ان موقعي تي ايڌي ايمبولينس
۽ فائربرگيڊ جون گاڏيون پڻ پهتيون، ٿوري دير بعد ڪنهن نامعلوم
شخص پاران ٺٽي پوليس جي ڪنٽرول روم تي فون ذريعي اطلاع ڏنو ويو
ته سول اسپتال مڪلي ۾ بم رکيل آهي، اهڙي اطلاع تي سول اسپتال
مڪلي ۾ افراتفري مچي وئي، بم جي اطلاع تي ميڊيڪل وارڊ ۾ داخل
ٻيلي شهر جو رهواسي عرس ملاح دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو،
پوليس ڪنٽرول روم موبائيل فون تان اطلاع ڏيندڙ شخص جو نمبر
3325682-0303 هٿ ڪيو آهي، جيڪو ڪوئيٽا شهر جو آهي ۽ مسلسل بند
آهي. هوڏانهن بمن جي اطلاعن وقت ضلعي انتظاميا جي غيرسنجيدگي
پڻ نظر آئي، ڊي سي او سميت ڪو به اعليٰ عملدار بمن جي اطلاعن
واري هنڌ نه پهتو، نه ئي مريضن کي ٻاهر ڪڍي محفوظ ڪيو ويو،
جنهن سبب 4 ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ داخل مريض خوف واري ماحول ۾
رهيا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي صحافي ۽ شهري بادشاهي مسجد ۽ سول
اسپتال مڪلي پهچي ويا. |