روزانه ڪاوش

دادو ۾ گهر اندر چريو ڄاڻائي زنجيرن سان ٻڌل نوجوان کي باهه،دانهون ڪري دم ڏنائين

دادو (رپورٽ: نظام شيخ) دادو ۾ گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل نوجوان پراسرار نموني باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو، وارثن واقعي کي اتفاق قرار ڏئي بنا پوسٽ مارٽم جي لاش دفنائي ڇڏيو، دادو شهر جي دڙي روڊ تي سولنگي پاڙي ۾ هڪ گهر اندر زنجيرن سان ٻڌل 35 ورهين جو نوجوان محمد وارث سولنگي پراسرار نموني باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو،  فوتي جي ڀاءُ نواب سولنگي پوليس کي بيان ڏنو ته اتفاقي واقعو ٿيو آهي، سندس پيءُ فوت ٿي چڪو آهي، فوتي ڀاءُ جو دماغي توازن درست نه هو، ان ڪري کيس امڙ روزانو زنجيرن ۾ ٻڌي گهرن ۾ پورهيو ڪرڻ ويندي آهي ۽ صبح کيس زنجيرن ۾ ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪري امڙ رواني ٿي ته پويان خبر پئي ته اوچتو باهه لڳڻ سبب ڀاءُ وارث فوت ٿي ويو آهي، هوڏانهن پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته اوچتو فوتي باهه لڳڻ سبب بچايو بچايو جون دانهون ڪيون پر گهر ۾ ڪوبه نه هئڻ ڪري وارث تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، فوتي جي ڀاءُ نواب دادو ٿاڻي تي اتفاقي موت جي رپورٽ داخل ڪرائي ۽ بنا پوسٽ مارٽم جي لاش دفنايو ويو، جڏهن ته ڊي پي او نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن بعد دادو پوليس فوتي جي پاڙي وارن ۽ وارثن کان بيان ورتا، ان دوران وارث جي مائٽن بيان ڏيندي چيو ته سگريٽ پيئڻ دوران ڪکائون گهر کي باهه لڳي ۽ هو سڙي فوت ٿي ويو.