سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
ڪراچي سينٽرل جيل جو هٽايل سپرنٽينڊنٽ پير شبير سرهندي رشوت ڪيس ۾ گرفتار ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن پوليس سينٽرل جيل ڪراچي جي هٽايل سپرنٽينڊنٽ پير شبير سرهندي کي رشوت جي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن هڪ همراهه کان 32 لک رپيا ورتا هئا ۽ ان کانسواءِ 3 لک رپين جا موبائيل سيٽ هن کان گهرايا هئا، سندس گرفتاري سينٽرل جيل مان تازو ضمانت تي آزاد ٿيل اعجاز ميمڻ جي درخواست تي عمل ۾ آندي وئي، جنهن کي جيڪسن پوليس 6 جولاءِ 2008ع تي مبينا طور تي پ پ اڳواڻ خالد شهنشاهه جي هدايت کانپوءِ ايس پي ڪياماڙي رائو انوار چرس جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جڏهن هو عمري تي وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ وڃي رهيو هو، اينٽي ڪرپشن پوليس جي ذميدار ذريعن ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته پير شبير خلاف ايف آءِ آر نمبر 08/27 تي ضمانت تي آزاد ٿيل جيڪسن پوليس جي قيدي اعجاز ميمڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته خالد شهنشاهه جي هدايت تي ايس پي رائو انوار کيس چرس جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ سينٽرل جيل ۾ مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ کيس رشوت عيوض سهولتون ۽ مراعتون آڇيون ويون، اهڙي آڇ پير شبير پنهنجي مئنيجر صالح محمد معرفت ڪرائي ۽ پوءِ طئي ٿي وڃڻ تي هن 32 لک روپيا ڪيش ۽ 3 لک روپين جا قيمتي موبائيل فون ورتا، اينٽي ڪرپشن پوليس موجب پير شبير کي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات حراست ۾ ورتو ويو آهي.
|