سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

لاڙڪاڻي ۾ نينگري سان لڄالٽ ڪوشش:مزاحمت تي گهرڀاتين کي مارڪٽ:اي ايس آءِ زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نينگري سان لڄالٽ جي ڪوشش، مزاحمت تي گهرڀاتين تي تشدد، رپورٽن موجب لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ مدينه ڪالوني ۾ ٻن جوابدارن ڇولا  وڪڻندڙ پورهيت بشير سومرو جي گهر ۾ داخل ٿي سندس غير موجودگي ۾ 13 سالن جي معصوم نياڻي مومل کي ڪمري ۾ واڙي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن ٺونشا ۽ لتون هڻي نينگري جي ماءُ پناهه خاتون، پيرسن ڏاڏي شريفان ۽ ٻين ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو، وارثن جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا، ان واقعي کانپوءِ مسمات پناهه خاتون پنهنجي نينگري مومل سان گڏجي ڊي آءِ جي ڪمانڊر (ر) سيد شوڪت شاهه وٽ پهچي اهڙي دانهن ڏني، جنهن تي ڊي آءِ جي دڙي ٿاڻي جي پوليس کي واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو، پوليس اهلڪارن جي هڪ ٽيم اي ايس آءِ سمندر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مدينه ڪالوني ۾ جوابدارن جي گهر تي چڙهائي ڪئي، جتي جوابدار راشد ابڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ اي ايس آءِ سمندر چانڊيو کي پيٽ ۾ چاقو هڻي زخمي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اهلڪارن ڊوڙائي ڊوڙائي ٻن چاقن سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته زخمي اي ايس آءِ کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي،