سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
غوثپور پوليس جرڳي ڪيس جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، نارين جو مظاهرو ڪنڌڪوٽ (ن ڪ) غوثپور ۾ 8 سال اڳ نارين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ لاءِ ٿيل جرڳي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود غوثپور پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب سڱ چٽي ۾ ڏنل نارين حسينه، شاهينه ۽ سڌل اوڳاهي ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته جرڳي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سبب غلام حسين، عبدالرزاق اوڳاهي ۽ بااثر ماڻهو گهرن مٿان حملا ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين، هنن چيو ته احتجاجن ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيلون ڪرڻ باوجود پوليس اسان جي ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن هڪ ڀيرو ٻيهر گهر ڪئي ته جرڳي ڪيس جا جوابدار گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
|