|
هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي کپرو ڀرسان زميندار جي قيد مان 10 هاري بازياب کپرو (ن ڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي کپرو پوليس سول جج سان گڏجي ڳوٺ حاجي ڪالو راڄڙ ۾ زميندار محمد ابراهيم راڄڙ وٽ مبينا طور تي باندي بڻايل ڏهه هاري جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن کي بازياب ڪرايو آهي، آزاد ٿيل هارين ۾ رانجهو اوڏ، ڪانجي، گلچند، کيهون، رشيدا، نعيمان، بروهي، پريت، چندرا ۽ حسينا اوڏ شامل آهن، کپرو پوليس موجب کين سڀاڻي هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويندو.
|