سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

شڪارپور ۾ جرڳو،هڪ خون ۽ عورت سميت 2 زخمين جو 4 لک 60 هزار رپيا ڏنڊ

شڪارپور(ن ڪ) شڪارپور ۾ جتوئي هائوس تي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي جي سرپئنچي ۾ يوسي ناظم نورحسن سنجراڻي ۽ ارباب سومرو ڌرين ۾ هڪ قتل ۽ ٻن زخمين بابت جرڳو ٿيو، سنجراڻي ڌر طرفان اڳوڻو صوبائي وزير سردار مقبول احمد شيخ جڏهن ته سومرو ڌر طرفان سردار جنيد احمد سومرو ۽ سردار جهانگير خان ڪاڪيپوٽو شرڪت ڪئي، ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد امين فتويٰ ڏني ته عبدالحڪيم سنجراڻي جي قتل وارو مامرو منجهيل آهي، جنهن ڪري ان جي پيءُ علي خان تي قتل کي واضح ڪرڻ لاءِ ساک رکجي ٿي، جنهن ساک تي چيو ته منهنجي پٽ کي سومرو ڌر جي ماڻهن قتل ڪيو آهي، جنهن بعد جرڳي جي امين قتل جا 4 لک رپيا، زخمي ٿيل سنجراڻي عورت جا 40 هزار ۽ زخمي ٿيل سومرو ڌر جي ماڻهو جا 20 هزار جملي 4 لک 60 هزار رپيا ڌرين تي ڏنڊ رکيو، ڏنڊ واري رقم مان 20 هزار ڪٽ ڪري باقي 4 لک 20 هزار سومرو ڌر سنجراڻي ڌر کي ڀري ڏيندي، جڏهن ته قتل وارو ڪيس ڪورٽن مان بيان ڦيرائڻ ذريعي واپس ورتو ويندو جيڪا فتويٰ ٻنهي ڌرين قبول ڪري ورتي،