سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
”شاگردن جا قاتل گرفتار ڪريو“ خيرپور ۾ جسقم جو ڌرڻو،پوليس خاطرين ۽ نوٽيس بعد احتجاج کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو پير ڳوٺ/خيرپور (نمائندن وٽان) خيرپور پوليس جي هٿان قتل ٿيل ٽن شاگردن جي وارثن کي اڃا انصاف نه مليو، هر طرح جي خاطرين، دعوائن ۽ نوٽيسن باوجود پوليس مک جوابدارن مان ڪنهن کي به گرفتار ڪري نه سگهي آهي، جڏهن ته جساف پاران 3 ڏينهن مسلسل بک هڙتال بعد ڌرڻو هڻي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو، واقعي جي 15 ڏينهن بعد هڪ پ پ ايم اين اي تڏي تي لڙي آيو، ڪجهه ڪلاڪن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڊي آءِ جي هفتي بعد وري وارثن کي دلاسا ڏيڻ لاءِ ڳوٺ مٺل جاگيراڻي پهتو، جنهن تي مقتول شاگردن ضمير، گل بيگ ۽ الهڏني جي وارثن مٺل خان، نثار جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته انصاف جا آسرا ڏنا پيا وڃن پر اڃا تائين قاتل ڪنهن به حوالي سان گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن، هنن چيو ته قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين وڇايل تڏو نه کڻنداسين ۽ جلد خاندانن سميت احتجاج شروع ڪنداسين، ٻئي طرف پير آف راڻيپور ايم اين اي ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي پارلياماني سيڪريٽري پير فضل علي شاهه مقتولن جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس 3 شاگردن کي ناحق قتل ڪري دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو آهي، آئون ان سلسلي ۾ اختيارين کي فوري نوٽيس وٺڻ لاءِ چوندس ۽ مقتولن جي وارثن کي هر ممڪن انصاف ڏياريو ويندو، ٻئي طرف شام دير سان ڊي آءِ جي سکر بشير ميمڻ مقتول شاگردن جي ڳوٺ مٺل جاگيراڻي پهچي وارثن سان گڏجاڻي ڪئي، ٻئي طرف جسقم پاران ٽئين ڏينهن به سيشن ڪورٽ خيرپور آڏو بک هڙتال ڪئي وئي، ۽ 72 ڪلاڪن بعد سوين ڪارڪنن نثار لاکير، امجد مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي پي او خيرپور آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، بعد ۾ ڊي پي او خيرپور پير محمد شاهه ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، ٻئي طرف اطلاع آهن ته خيرپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس شاگردن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ اڳڙا، راضيديرو، گمبٽ، ٻٻرلوءِ ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ سندن جي ڪجهه مائٽن کي عيوضي طور گرفتار ڪيو آهي، هوڏانهن جساف طرفان ڪنري ۾ به آصف شان، رحيم خاصخيلي، لطف الله چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو.
|