|
قاضي احمد
لڳ شاخ کي گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، انجنيئر معطل
قاضي
احمد/نوابشاهه (نمائندن وٽان) قاضي احمد لڳ ريڻ شاخ کي 60 فوٽ
گهارو پوڻ سبب 500 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي ڪاهيل فصل پاڻي هيٺ
اچي ويا اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، قاضي احمد لڳ ريڻ
شاخ کي آر ڊي 15 وٽان 60 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب 500
ايڪڙن تي بيٺل وونئڻ، ڪيلو، ڪمند ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا،
قاضي احمد-نوابشاهه لنڪ روڊ تي پڻ پاڻي اچي ويو، جنهن سبب هڪ
ڪلاڪ تائين گاڏيون بيهجي ويون، اطلاع ڪرڻ باوجود آبپاشي عملدار
نه پهتا، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مٽي جو بند ٻڌي
ڳوٺ گابر ڏاهري کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، هوڏانهن ايم اين اي
غلام مصطفيٰ شاهه جي مئنيجر حميد خاصخيلي ٻڌايو ته گهاري پوڻ
واري هنڌ تان شاخ جا بند ڪمزور هئا، اهڙي آگاهي آبپاشي عملي کي
اڳواٽ ڏيڻ باوجود ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا هئا، ٻئي طرف
انجنيئر دادو ڊويزن عزيز جوڻيجو ٻڌايو ته سب انجنيئر فهيم ميمڻ
۽ داروغي کي معطل ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته روهڙي ڪئنال
وٽان شاخ کي بند ڪرائي ايريگيشن عملي ڳوٺاڻن جي مدد سان گهارو
ٻڌو آهي، هن چيو ته ٽيليفون کاتي پاران شاخ ڀرسان نالو کوٽيو
ويو آهي، جنهن ڪري گهارو پيو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، ٽيليفون کاتي
وارن جو ڏوهه هوندو ته مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو.
|