سانگهڙ کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

حڪمران سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن:بشير قريشي

سڪرنڊ/محرابپور/حيدرآباد(نمائندن وٽان) موجوده حڪمران سنڌ جي قومي حقن جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن، سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار بند نه ٿي ته سنڌ عراق بڻجي ويندي، اهڙو اظهار جسقم چيئرمين بشير خان قريشي سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ دڙي مگسي ۾ جسقم اڳواڻ آصف مگسي جي عيادت ڪرڻ بعد ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو، بشير خان قريشي چيو ته سنڌين کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ گهر گهر وڃي جي ايم سيد جو پيغام پهچائڻ لاءِ ڪارڪن رابطا مهم تيز ڪن، هوڏانهن جسقم چيئرمين بشير خان قريشي سان ميڊيا سينٽر تي ايڊهاڪ ليڪچرارن ۽ متاثر سنڌ سمال انڊسٽريز جي ملازمن ڌار ڌار ملاقاتون ڪري ٻڌايو ته حڪمران کين روزگار کان محروم ڪري رهيا آهن، ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هو سنڌي آهن، بشيرخان قريشي وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته جدوجهد ئي هر مسئلي جو حل آهي، ٻئي طرف جساف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اڪرم باجڪاڻي، عامر سوهو، عامر عباسي، عمران سومرو ۽ مجيب گڏيل بيان ۾ جساف جي مرڪزي صدر نثار لاکير ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.  جڏهن ته جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين محمد راهمون، وائيس چيئرمين آڪاش ملاح ۽ قائم مقام سيڪريٽري جنرل ظفر ڪوريجو پنهنجي جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر سرڪي 30 نومبر تي آچر جي رات 8 وڳي لنڊن کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندو.