|
روزانه ڪاوش |
|
غلام قادر پليجو مڪلي قبرستان تي قبضا پيو ڪري:آرڪيالاجي کاتو ٺٽو(رپورٽ: عثمان ميمڻ) دنيا جي قديم مڪلي واري قبرستان جي سنڀال ڪندڙ آرڪيالاجي کاتي مڪلي جي ڪيوريٽر 23 سيپٽمبر 2008ع تي ٺٽي ضلعي جي ناظم کي هڪ ليٽر نمبر 589/ 2008/ M/117/TH لکي ڄاڻايو آهي ته ورلڊ هيرٽيج لسٽ ۾ شامل دنيا جي مسلمانن جو وڏي ۾ وڏو قبرستان مڪلي 912 ايڪڙن تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ 5 لک کان وڌيڪ قبرون آهن، 500 سالن جي تاريخ سانڍيندڙ هن قبرستان کي اينٽي ڪيوٽيز ايڪٽ 1975ع هيٺ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي، اهڙي تمهيد ٻڌڻ کانپوءِ ڪيوريٽر پنهنجي ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته مڪلي واري قبرستان لڳ گرڊ اسٽيشن وٽ اڳوڻي ايم پي اي غلام قادر پليجو پنهنجن زرعي زمينن کي وڌائڻ شروع ڪيو آهي، انهي مقصد هيٺ مشينن ذريعي زمين جي کوٽائي شروع ڪرائي وئي آهي، مون پاڻ سرزمين تي وڃي اهڙي صورتحال ڏٺي آهي، غلام قادر پليجي جو اهڙو قدم انتهائي اعتراض جوڳو ۽ اينٽي ڪيوئٽيز ايڪٽ 1975ع جي لتاڙ برابر آهي، هن ليٽر ۾ درخواست ڪئي آهي ته مڪلي قبرستان جي زمين تي قبضو ختم ڪرائي ضروري قدم کنيا وڃن.
|