روزانه ڪاوش

ڳڙهي ياسين لڳ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

ڳڙهي ياسين (ن ڪ) ڳڙهي ياسين لڳ جادو ڪلهوڙي علائقي ۾انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زمين تڪرار تان هٿياربندن هڪ ڌر جي نوجوان منظور احمد انڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي ۽ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول منظور جي ڀاءُ محبوب انڙ جي فرياد تي 8 جوابدارن زاهد، لکمير، ابراهيم، رحمت الله، واحد بخش، لياقت، صغير انڙ ۽ غلام مصطفيٰ بروهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڌرين ۾ 5 سالن کان هلندڙ تڪرار ۾ 4 ماڻهو  قتل ٿي چڪا آهن.