روزانه ڪاوش

جج بحال نه ٿيندا:آصف ۽ نواز گڏهلي نه سگهندا:ممتاز ڀٽو

ننگرپارڪر (ن ڪ) سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه سردار ممتاز علي ڀٽو چيو آهي ته مشرف کي پ پ وارن ئي صدارت واري ڪرسي تي ويهاري کانئس ڪم ورتا، مشرف کي ته اڳ ۾ ئي وڃڻ کپي ها، آصف زرداري اهو ڪڏهن به نه چاهيندو ته جج بحال ٿين، انهيءَ ڪري نواز شريف ۽ آصف گهڻو وقت گڏ هلي نه سگهندا، ڪالهه ننگرپارڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي ڪم هلڻ کپي پر ڪميشن مافيا جي ڪري ان ۾ دير ٿي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو قومپرستن سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته ڪارونجهر جبل تي ليز جي صورت ۾ لڳندڙ ڌاڙي تي ڏک رسيو آهي، هن چيو ته مارئي جي کوهه تي ڪلچرل ڪامپليڪس ۽ ريسٽ هائوس ٺهڻ کپن، ان موقعي تي پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين الهورايو سومرو، انجنيئر ايوب شر، پير عبدالحق ڀرچونڊي شريف ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.