|
روزانه ڪاوش |
|
ڦلهڏيون ۾ جوابدارن نوجوان تي فائر ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو سنڌڙي(رپورٽ: عزيز ساگر) ڦلهڏيون لڳ هٿياربندن فائر ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، مٺو فقير جي ڍير ڀرسان 2 هٿياربند نوجوان عبدالحميد مري تي ريوالور جا فائر ڪري زخمي ڪرڻ بعد ڪهاڙين جا وار ڪري موقعي تي ئي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، ڦلهڏيون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڦهلڏيون مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، جاچ پوليس جي انچارج موجب مقتول عبدالمجيد مري کي شر برادري جي هٿياربندن سال اڳ قتل ٿيل نور زمان شر جي پلاند ۾ قتل ڪيو آهي، هوڏانهن ايس ايڇ او ڦهلڏيون ٻڌايو ته وارث اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ ناهن آيا، جيئن آيا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، هن چيو ته پلاٽ تان ٿيل شر- مري تڪرار سان هن قتل جو ڪو به تعلق ناهي، هوڏانهن يوسي ناظم ٻن ڏينهن کان بند پيل شهر واپارين ۽ شهرين سان گڏجاڻي ڪري کولرايو پر شهر ۾ پوليس گشت باوجود خوف ۽ هراس واري صورتحال برقرار رهي.
|