|
روزانه ڪاوش |
|
گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن جي ڳوٺ مان ڦرلٽ،تشدد،4 زخمي،ايس ايڇ او معطل گهوٽڪي(ن ڪ) گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن ڳوٺ تي ڪاهه ڪري ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت تي تشدد ڪري 4 ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو، ايس ايڇ او سميت 2 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو،گهوٽڪي ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ هدايت الله سيال ۾ صبح سوير 15 کان وڌيڪ هٿياربندن ڪاهه ڪري گهرن مان ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ان دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ڪلاشنڪوفن جا بٽ هڻي 4 ڄڻن خان محمد ،رحيم بخش ،علي بخش ۽ علي شير سيال کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هٿياربند گهرن مان خان محمد سيال جي لائسنس جي بندوق،3 مينهون، سونا زيور ۽ هڪ موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته واقعي بابت عادلپور ٿاڻي تي بروقت اطلاع ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، جنهن تي گهوٽڪي جي اي ايس پي امير عبدالله نيازي عادلپور جي ايس ايڇ او اربيلو ڀنگوار کي فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي جي وڏي منشي نثار سومرو کي به معطل ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن زخمين کي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.
|