روزانه ڪاوش

حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن اندر اغوا جي ٻي واردات، حيسڪو جي پي ڊي جو نوجوان پٽ کنڀجي ويو

حيدرآباد (رپورٽ:سعيد افضال) حيدرآباد جي گلستان سجاد جو رهواسي ۽ اسرى يونيورسٽي جي بي بي اي جو شاگرد مقصود سميجو نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا، سندس ڪار نمبر اي ايڇ جي 605- ڄامشورو پل لڳ لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي، اغوا ٿيل مقصود سميجو تعلقي نائب ناظم پنوعاقل محمد نواز سميجو جو ڀائٽيو ۽ حيسڪو جي پي ڊي شفقت سميجو جو پٽ ٻڌايو وڃي ٿو، مليل ڄاڻ موجب مقصود سميجو اڱاري جي رات پنهنجي سئوٽ شاهد سان گڏ ڄامشورو روڊ تي هڪ هوٽل ۾ ماني کائڻ ويو جتان ماني کائڻ کانپوءِ هو اڪيلو ڪار ۾ ويهي روانو ٿيو هو جنهن بعد سندس ڪا خبر نه پئجي سگهي، ڪالهه سندس ڪار لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي، جنهن بعد سندس مائٽن شڪ ڏيکاريو آهي ته متان کيس اغوا نه ڪيو ويو هجي، ايس ايڇ او ڀٽائي نگر منظور پٺاڻ مقصود سميجو جي گم ٿيڻ ۽ ڪار هٿ اچڻ واري واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مقصود سميجو جا مائٽ واقعي بابت ڪو به تفصيل ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن ۽ پوليس سان سهڪار نه ٿا ڪن جنهن ڪري مقصود جي اغوا جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، باقي اسان واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، ٻئي پاسي اڱاري جي صبح جو حيدرآباد مان اغوا ٿيل علي اسلم خواجه بابت 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي، هوڏانهن ڀان سيدآباد جي نمائندي موجب مغوي علي اسلم خواجه جي ڪار ڀان سيد آباد مان لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي آهي، گيراج مالڪ شوڪت آرائين پوليس کي ڄاڻ ڏني ته هڪ پوليس وردي پاتل ۽ ٻه سادا ڪپڙا پاتل همراهه ڪار سندس گيراج لڳ بيهاري ويا آهن، جيڪا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاوارث حالت ۾ بيٺل آهي بعد ۾ پوليس ڪار تحويل ۾ ورتي ته خبر پئي ته ڄاڻايل ڪار حيدرآباد مان اغوا ٿيل علي اسلم خواجه جي آهي جنهن بابت حيدرآباد پوليس کي ڄاڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته علي خواجه جي اغوا بابت قاسم آباد، ڀٽائي نگر توڙي بلديا ٿاڻي تي ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ڪرايو ويو پر پوليس موجب علي اسلم خواجه جا مائٽ اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي آءِ جي حيدرآباد ثناءُالله عباسي چيو آهي ته پوليس علي اسلم خواجه ۽ مقصود سميجو جي گم يا اغوا ٿيڻ بابت جاچ ڪري رهي آهي ته ٻنهي ڄڻن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي، يا ڪو ٻيو معاملو آهي.