سفارتڪارن، غير ملڪي مهمانن کي ڪراچي ۽ سنڌ ۾ سندن حفاظت جي ضمانت ٿو ڏيان:وڏو وزير

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گذريل 11 سالن تائين ملڪ ۾ جمهوريت بدران آمريت هئي، جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ کي ۽ سنڌ جي عوام کي نظرانداز ڪيو ويو، آئون غيرملڪي مهمانن ۽ سفارتڪارن کي ضمانت ٿو ڏيان ته ڪراچي ۽ سنڌ ۾ سندن جانين جو هرممڪن تحفظ ڪيو ويندو، ان لاءِ هو پريشان نه ٿين. گذريل رات سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو پاران رکيل عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي خودمختياري چاهيون ٿا، ڇو ته اسان 11 سال آمريت کي منهن ڏنو آهي، جنهن جي خلاف جدوجهد ڪندي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن پر عوام اسان جو مسلسل ساٿ ڏنو آهي، جنهن ڪري اسان هن حڪومت ۾ سندن مسئلا حل ڪنداسين. اُن لاءِ ويجهي مستقبل ۾ عوام کي سڌي طرح هزارين نوڪريون ڏينداسين، توڙي جو سڄو ملڪ معاشي مسئلن جو شڪار آهي پر ان باوجود مون کي اُميد آهي ته اسان عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. هن پرڏيهي سفارتڪارن کي يقين ڏياريندي چيو ته اوهان پاڻ کي غير محفوظ نه سمجهو، اسان اوهان لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آهن، ڪراچي ۽ سنڌ ۾ پرڏيهي مهمانن ۽ سفارتڪارن کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو. هن چيو ته اسان گذريل 5 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ ۾ اهم قدم کنيا آهن، جنهن ڪري ڌاڙا، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. اُن موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو خطاب ڪندي چيو ته ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ اسان جي اڳواڻن شهادتون ماڻيون آهن، انهن شهادتن ۾ اسان کان عظيم ليڊر بينظيرڀٽو جدا ٿي وئي پر هن اسان کي ايتري طاقت ڏني آهي جو اسان دهشتگردن ۽ وطن دشمنن کي منهن ڏئي سگهون ٿا، سنڌ پاڪستان جي ماءُ جو درجو رکي ٿي ڇو ته هي ئي سنڌ اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان جو بنياد وڌو، اسين سڀ سنڌ ۽ پاڪستان جا خيرخواهه آهيون، اسان صدر جي سربراهيءَ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکنداسين.