ڄامشورو/ڪوٽڙي/ڪراچي(نمائندن وٽان)

 احمد فراز ضياءُ دور ۾ گرفتاري بعد جلاوطن ٿيو:2006ع ۾ حڪومتي پاليسين خلاف ”هلال امتياز“ واپس ڪيائين

حيدرآباد: ناليوارو رومانوي ۽ انقلابي شاعر احمد فراز حڪومت ۾ فوج جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو، هن 2004ع ۾ مليل هلال امتياز ايوارڊ 2006ع ۾ حڪومتي پاليسين خلاف احتجاج ڪندي حڪومت کي واپس ڪيو، ضياءُ جي مارشل لا دور ۾ هن فوجي مداخلت خلاف ڪيترائي نظم لکيا، ضياءُ دور ۾ ئي هو حڪومت خلاف هڪ نظم پڙهي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ هن پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي، 3 سالن جي جلاوطني دوران هو برطانيا، ڪئناڊا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾رهيو ۽ اتي سوين انقلابي ۽ رومانوي نظم تخليق ڪيائين، احمد فراز ڪيترائي ڪتاب لکيا، کيس ڪيترائي قومي توڙي عالمي ايوارڊ پڻ مليا.