|
پيپلز
پارٽي ججن جي بحالي واري واعدي تان ڦري وئي آهي:غوث علي شاهه
خيرپور/سکر(ن
ڪ/بيورو رپورٽ) مسلم ليگ(ن) سنڌ صوبائي صدر غوث علي شاهه چيو
آهي ته پيپلز پارٽي ججن جي بحالي ۾ پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري
وئي آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي جي مقبوليت جو گراف گهٽجي رهيو
آهي، جڏهن ته نواز ليگ جو وڌي رهيو آهي، اهڙو اظهار هن ٻٻرلوءِ
۾ استقباليه ڪيمپ کي خطاب ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته پارٽي
طرفان صدارتي اميدوار جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي غيرسياسي
شخصيت آهي، جيڪو انشاءَ الله سوڀ ماڻيندو ۽ 6 سيپٽمبر تي ملڪ ۾
حقيقي جمهوريت جو سج اڀرندو، ان کان اڳ غوث علي شاهه 9 سالن
کانپوءِ سکر ايئرپورٽ پهتو جتي هزارين ڪارڪنن سندس ڀرپور آجيان
ڪئي، ان موقعي تي مسلم ليگ(ن) جا صوبائي اڳواڻ سليم ضياءُ، سعد
رفيق ڀٽ ۽ ٻيا موجود هئا.
|