|
سريلنڪا
زمبابوي کي ٻي ون ڊي ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
هراري
(اسپورٽس ڊيسڪ) سريلنڪا ۽ زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٿيل ٻي ون
ڊي ميچ ۾ سريلنڪا زمبابوي کي 9 وڪيٽن تان زبردست شڪست ڏئي ڇڏي،
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ منعقد ٿيل ميچ ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهرين
بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ سريلنڪا جي بالرن
شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 30 اوورن ۾ صرف 67 جي اسڪور تي
زمبابوي جي ٽيم کي ڍير ڪري ڇڏيو، سريلنڪا جي بالرن مينڊس چار ۽
مهاروف 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ سريلنڪا 17.4 اوورن ۾ هڪ
وڪيٽ جي نقصان تي گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو، 5 ميچن واري
سيريز ۾ سريلنڪا کي 0-2 تان برتري حاصل آهي.
|