|
روزانه ڪاوش |
|
پي سي بي پاران سينيئر ۽جونيئر سليڪشن ڪاميٽين جو اعلان لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينيئر ۽ جونيئر سليڪشن ڪاميٽي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عبوري سليڪشن ڪاميٽي جو اڳواڻ سليم جعفر ۽ شعيب محمد نئين ڪاميٽي ۾ به شامل آهن، سينيئر سليڪشن ڪاميٽي جي پهرين اهم ذميواري ڀارت خلاف هوم سيريز لاءِ ٽيم جي چونڊ هوندي، 6 رڪني جونيئر سليڪشن ڪاميٽي جو سربراهه اڳوڻي اوپنر محمد الياس کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ باسط علي، علي احمد، فرخ زمان، آصف بلوچ ۽ افضل گجر شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيئر ۽ جونيئر ٽيم جا سمورا سليڪٽرز پگهاردار هوندا.
|