روزانه ڪاوش

لنڊن اولمپڪ گيمز ۾ 20-20 ڪرڪيٽ شامل ڪرائڻ لاءِ قرارداد منظور

لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) لنڊن اسيمبلي لنڊن اولمپڪ گيمز ۾ 20-20 ڪرڪيٽ کي شامل ڪرڻ لاءِ يڪراءِ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، اسيمبلي لنڊن اولمپڪ 2012ع جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي کان آءِ سي سي ۽ او آءِ سي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ لنڊن اولمپڪ گيمز ۾ 20-20 ڪرڪيٽ کي شامل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، لنڊن اسيمبلي ۾ مراد قريشي قرارداد پيش ڪئي، هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي روايتي راند آهي ۽ لنڊن جي هر حصي ۾ کيڏي ويندي آهي، 20-20 ڪرڪيٽ مختصر آهي ۽ ان کي اولمپڪ گيمز ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو ۽ ان لاءِ وينيوز به موجود آهن.