روزانه ڪاوش

ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز لاءِ رانديگرن جو اعلان 3 نومبر تي ڪيو ويندو

اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) ابوظهبي ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان 3 نومبر تي ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسڪواڊ جي اعلان کان اڳ سليڪشن ڪاميٽي شعيب ملڪ سان صلاح مشورو ڪندي، پي سي بي جي ذريعن موجب قومي سليڪشن ڪاميٽي راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر جي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس جو جائزو وٺندي.