|
بيٽنگ ۾
مشڪل دور مان گذري رهيو آهيان:شاهد آفريدي
ڪراچي (اسپورٽس
ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته
ملڪ ۾ جاري پينٽيگولر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ رانديگرن لاءِ فائديمند
ثابت ٿيندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي آفريدي چيو ته ون ڊي ڪرڪيٽ
الڳ آهي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ الڳ شيءِ آهي، چئن ڏينهن واري ڪرڪيٽ سان
رانديگرن جي صلاحيت جو اندازو ٿيندو آهي ته ڪير فارم ۾ آهي، هن
چيو ته رڳو کيڏڻ ئي ڪافي ناهي پر رانديگر کي محنت ۽ جدوجهد ڪري
قومي سطح تي مقام حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته مان بيٽنگ ۾ مشڪل
دور مان گذري رهيو آهيان، هن چيو ته پينٽيگولر ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
بهترين موقعا فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سان ٽيلينٽ اڀري سگهي ٿو.
|