ڪاوش اسپورٽس- پاڪستان-انگلينڊ ٽه ملڪي ٽورنامينت

ٽيم ۾سينيئر رانديگرن جي عزت نه پئي ڪئي وڃي:ٽنڊولڪر

نئين دهلي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر چيو آهي ته مون سميت ٽيم جا سڀئي سينيئر رانديگر وقت اچڻ تي رٽائر ٿي ويندا ۽ ٽيم ۾ موجود سينيئر رانديگرن جي حوالي سان احترام جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته وقت اچڻ تي سينيئر رانديگر رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪندا، ڀارتي اوپن لٽل ماسٽر جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز رانديگر لارا جو رڪارڊ ٽوڙيو هو، ساروو گنگولي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ تي شديد ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ساروو گنگولي کي اڃا ڪافي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي پر سندس استعيفا ڏيڻ سٺو سنئوڻ نه آهي. هن چيو ته ٽيم ۾ موجود سينيئر رانديگرن جي عزت نه پئي ڪئي وڃي.