روزانه ڪاوش

آفريدي شعيب ملڪ کان بهتر ڪپتان ثابت ٿيندو:مشتاق احمد

 

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي ليگ اسپنر مشتاق احمد چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ  ٽيم لاءِ شاهد آفريدي شعيب ملڪ کان بهتر ڪپتان ثابت ٿيندو، آفردي ۾ ڪپتان واريون صلاحيتون موجود آهن، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مون سدائين اها ڳالهه ڪئي آهي ته سينيئر رانديگر ڪپتان هئڻ گهرجي، هن چيو ته يونس خان پهرين ڪپتان ٿيڻ کان انڪار  ڪيو هو پر پوءِ مون کي خبر پئي ته هن پنهنجو خيال تبديل ڪيو پر پوءِ محمد يوسف ۽ شاهد آفريدي ڪپتان ٿيڻ لاءِ بهترين رانديگر آهن.