اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

دادو ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرو، ڌرڻو

دادو (ن ڪ) دادو ۾ ٽريڊ يونين جي سڏ تي  بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو، ان  موقعي تي  موريل پنهور، انور پنهور، ضمير ڪوريجو ۽ دوست علي  چيو ته نئين جمهوري سرڪار  مان اميد هئي ته روزگار ملندو، مهانگائي گهٽ ۽ غربت جو خاتمو ٿيندو پر  سرڪار  200 سيڪڙو مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي،  جنهن ڪري ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن ۽ ٻچا وڪڻي رهيا آهن پر  سرڪار  خاموش تماشائي بڻيل آهي.