اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ماٿيلي ۾ ايم اين اي جا ڀائر نينگر تي تشدد ڪرڻ بعد مائٽن وٽ ميڙ ڪري پهتا

ميرپور ماٿيلو (ن ڪ) ماٿيلي ۾ نينگر کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ ايم اين اي جا ڀائر ميڙ وٺي پهچي ويا، نينگر جا مائٽ راڄوڻي لاءِ راضي ٿي ويا، گذريل رات دير سان ڪار کي سائيڊ نه ڏيڻ تان ٽانگو هلائيندڙ 10 سالن جي نينگر سوڀارو شيخ تي تشدد ڪندڙ مسلم ليگ (ن ) جي ايم اين اي ڊاڪٽر درشن لال جا ڀائر بيشم لال ۽ روي ڪمار ڪالهه ڏهرڪي جي مکي نامون مل  ۽ مقامي وڏيرن کي ميڙ ڪري متاثر نينگر جي پيءُ علي شير شيخ وٽ پهچي ويا، منٿ ميڙ  ڪري کيس راڄوڻي ٺاهه لاءِ راضي ڪري ورتو، ڌرين جو فيصلو اڳوڻو ضلعي نائب ناظم باري پتافي ڪندو.