حڪمران اتحاد ججن جي بحالي لاءِ ٺهراءُ نه آندو ته اسين آڻينداسين:مشاهد

گجرانوالا (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ق) جي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين سيد چيو آهي ته حڪمران اتحاد ججن جي بحالي جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ نه آندو ته سندس جماعت قرارداد پيش ڪندي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته حڪومت ججن جي بحالي متعلق ڊيڊ لائين هر هر تبديل ڪري قوم کي دوکو ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن حڪمران اتحاد قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش نه ڪئي ته مسلم ليگ (ق) معاملي کي اٿاريندي، هن چيو ته حڪمران اتحاد عوام سان ڪيترائي واعدا ڪيا پر هاڻ واعدن تي عمل ڪيو ويندو. ججن جي بحالي جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ نه آندو ته سندس جماعت قرارداد پاس ڪندي. ان موقعي تي محمد علي دراني چيو ته ايندڙ دور ۾ مسلم ليگ (ق) ۽ (ن) جو اتحاد ناممڪن نه آهي.