|
مڪاني نظام ۽ پوليس آرڊر 2002ع
ختم نه ڪبو،سنڌ جو گورنر هٽائڻ جو ارادو ناهي:قائم علي شاهه
سيوهڻ(رپورٽ:
ستار ملڪ/ذوالفقار سولنگي) سنڌ سرڪار مڪاني نظام ۽ پوليس آرڊر
2002ع جي خاتمي واري اعلان تان هٿ کڻي وئي آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ
جي وڏي وزير قائم علي شاهه درگاهه قلندر لعل شهباز تي حاضري
ڀرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مڪاني ادارن کي ختم
ڪرڻ جو ڪڏهن به اعلان نه ڪيو آهي، باقي مڪاني نظام ۽ پوليس
آرڊر 2002ع تي تحفظات ضرور آهن، ان ڪري مڪاني نظام ۽ پوليس
آرڊر 2002ع ۾ ترميمون ڪري انهن کي بهتر بڻايو ويندو، هن چيو ته
مختلف منشور ۽ مقصد رکندڙ پارٽين کي اتحادي بڻائي آصف زرداري
تاريخي ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته آصف زرداري کي بنا مقابلي صدر
چونڊرائينداسين، هو صدارتي چونڊ ۾ تاريخ جا سڀ کان وڌيڪ ووٽ
کڻندو، هن چيو ته آصف جي فيصلن جي حمايت نه ڪندڙ پارٽي شهيد
ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي منشور کي نٿا سمجهن، اهي
انهن جا مخالف آهن، هن چيو ته آصف سنڌ ۽ ملڪ جي عوام لاءِ
تاريخي فيصلا ڪيا آهن، مون سندس وڏي ڄمار ۽ کيس صدر بڻائڻ لاءِ
قلندر جي درگاهه تي دعا گهري آهي، هن چيو ته مان پنجاب مان
اچان پيو، اتان جو عوام به آصف کي صدر بڻائڻ چاهي ٿو، هن چيو
ته سنڌ جو گورنر ساڳيو رهندو ۽ کيس هٽائڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
|