اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ |
|
فورم ۾ ڪاوش جي شهيد ساٿين کي زبردست خراج تحسين پيش ميرپور خاص: ڪاوش فورم۾ شريڪ سڄاڻ ڌرين ڪاوش جي شهيد ساٿين منير سانگي، امير بخش بروهي ۽ شاهد سومرو جي ڪردار جي ساراهه ڪندي کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي مير مظهر ٽالپر، سروڻ ڪمار، ڪانجي راڻو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين چيو ته ڪاوش جا رپورٽر تحقيقي صحافت ۾ پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ آهن، جنهن ڪري کين حياتيون به وڃائڻيون پيون آهن. فورم ۾ ميرپورخاص جي مسئلن جو ذڪر، صحت کاتي خلاف شڪايتون ميرپورخاص: ڪاوش جي سالگرهه بابت فورم ۾ شريڪ ٿيل سڄاڻ ڌرين علائقائي مسئلن جو به ذڪر ڪيو، آبادگار اڳواڻ سيد علي گوهر شاهه چيو ته نارا ڪئنال جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، فوڊ پراسيسنگ يونٽ بند پيل آهي، زاهده ڏيٿو چيو ته سول اسپتال کي مليل ڊائلاسز مشين ناڪاره پيل آهي، سول اسپتال جي ماهوار بجيٽ 17 لک رپيا آهي، پر ان جو فائدو غريب مريضن کي نٿو ملي، ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، ايس ايم سي فنڊ جا 10 ڪروڙ رپيا پيل آهن پر اهي ڪم ۾ نٿا آندا وڃن، صحت کاتي جي حوالي سان هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته 8 مهينا اڳ فوت ٿيل هيلٿ ورڪرز جون پگهارون جاري پيون ٿين، ڪير پڇڻ وارو آهي.؟
|