اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

گورنر جي ڪردار ڪشي بند نه ٿي ته گلبرگ جي راتين جو احوال ڪنداسين:پ پ پنجاب

لاهور(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي  واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ ن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي ڪردار ڪشي بند نه ڪئي ته پوءِ ان جي قيادت کان افسانا به ڳجها نه رهندا ۽ قوم کي ٻڌايو ويندو ته گوالمنڊي ٿاڻي ۾ ڪهڙي اداڪاره کي ڪنهن بند ڪرايو، هني برج تي ڪيترا پئسا لڳا ۽ گلبرگ ۾ راتين جو ڇا ٿيندو آهي. اهي ڳالهيون پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل پنجاب جي سينيئر صوبائي وزير راجه رياض، صوبائي اڳواڻن اورنگزيب برڪي، مطلوب وڙائچ، لاهور جي صدر حاجي عزيز الرحمان چن، جنرل سيڪريٽري سميع الله خان ۽ ٻين لاهور پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون. راجه رياض چيو ته قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله صوبائي اسيمبلي جي اجلاس بعد ڪالهه  ميڊيا کي جيڪي تصويرون ڏيکاريون آهن اهي جعلي آهن، جنهن تصوير ۾ شراب جي محفل ڏيکاري وي آهي اها سياري جي مند جي ٻه سال پراڻي ۽ هڪ مقامي فائيو اسٽار هوٽل جي تقريب جي آهي، جنهن ۾ عام مشروب جا دٻا هٽائي ڪمپيوٽر ذريعي انهن جي جاءِ تي شراب جون بوتلون رکيون ويون آهن. ان کانسواءِ جيڪا ڊانس واري تصوير آهي اها گورنر جي وڏي ڌيءُ جي شادي جي تقريب جي تصوير آهي جنهن ۾ گورنر جي ننڍي ڌيءُ پنجاب جي روايتن مطابق ڀيڻ جي شادي جي خوشي ۾ نچي رهي آهي. ان هوندي به هن چيو ته راڻا ثناءُ الله اها ڪريل حرڪت ڪئي آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي ۽ ان خلاف صوبي جي وڏي وزير شهباز شريف جي چين جي دوري تان واپسي بعد ان سامهون هو پاڻ وڃي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا، رهي ڳالهه ان قسم جي ڪريل حرڪتن باوجود صوبي جي اتحادي حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جي ته اهو فيصلو آصف زرداري ڪندو. هن چيو ته گورنر وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جو نمائندو آهي، هن هر هنڌ پيپلز پارٽي کي سپورٽ ڪيو آهي ، اسان ان جو دفاع نه پيا ڪريون پر ان گندي سياست خلاف ڳالهائي رهيا آهيون جيڪا راڻا ثناءُ الله تصويرون جاري ڪري شروع ڪئي آهي. ان موقعي تي اورنگزيب برڪي چيو ته جيڪڏهن ن ليگ وارا نه مڙيا ۽ انهن ٻيهر اهڙي ڪا حرڪت ڪئي ته اسان به سڀ ڪجهه سامهون آڻينداسين ۽ قوم کي ٻڌائينداسين ته گوالمنڊي ٿاڻي تي ڪهڙي اداڪاره کي ڪنهن بند ڪرايو هو ، هني برج تي ڪيترو پئسو لڳو ۽ ڪلمه چوڪ ڪنهن جي هٿ تي ٺهيو ۽ گلبرگ ۾ راتين جو ڇا ڇا ٿيندو آهي؟. مطلوب وڙائچ چيو ته ن ليگ وارا اهو نه سمجهن ته انهن کي اهڙيون حرڪتون هضم ڪرڻ ڏنيون وينديون ، جيڪڏهن ڪير شيشي جي گهر ۾ ويهي ٻين تي گند اڇلائيندو ته اهو پاڻ به محفوظ نه رهي سگهندو.