اسلام آباد کان مظرف پيرزادي جي رپورٽ

ڪاش هڪ اشاري سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري سگهان پر ائين ممڪن ناهي:صدر بش

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪي صدر بش موجوده معاشي بحران تي بيوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته   ڪاش هو هڪ اشاري سان  سڀ ڪجهه صحيح ڪري سگهي پر عملي طور ائين ممڪن نه آهي،  معيشت کي انتهائي بري دور مان نڪرڻ ۾ وقت لڳندو، صدر بش واشنگٽن ۾ تقريب کي خطاب  ڪندي چيو ته  آمريڪي معيشت انتهائي  بري دور مان گذري رهي آهي، جيتوڻيڪ ڊگهي عرصي جي بنيادن تي معيشت جي بهتري جي حوالي سان  پر اميد آهيون، هن چيو ته عوام  اعتماد رکي ته معاشي بحران آخر ڪار ختم ٿي ويندو، جڏهن ته 7 کرب جي اقتصادي پيڪيج جا  مثبت اثر اڳيان اچڻ ۾وقت لڳندو،  ٻئي طرف وائيٽ هائوس جي ترجمان ڊينا پرينو چيو آهي ته بش انتظاميا جون نظرون هاڻي هلندڙ هفتي ٿيندڙ جي سيون جي اجلاس ۾ کتل آهن، ترجمان مطابق صدر بش معاشي بحرانن تي غور  ڪرڻ جي حوالي سان فرانسيسي صدر نڪولس سرڪوزي جي تجويز ڪيل هنگامي اجلاس ۾ شرڪت جو امڪان رد ناهي ڪيو.