مشرف خلاف مواخذي جي قرارداد يڪراءِ پاس ڪري سنڌ اهم ڪردار ادا ڪيو:شازيه مري

 

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شازيه مري چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي صدر  مشرف جي مواخذي جي  قرارداد اتفاق راءِ سان پاس ڪري هڪ دفعو ٻيهر هڪ عظيم مقصد لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان مان سنڌ جي عوام جي هڪ آمر جي حڪمراني ڏانهن ڌڪار ظاهر ٿئي ٿي. شازيه مري چيو ته اسان انهن سياسي قوتن جا ٿورائتا آهيون، جن بينظير ڀٽو جي خواب جي ساڀيان لاءِ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ جمهوريت ضروري آهي. اها جمهوريت جنهن لاءِ بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي زندگي قربان ڪئي ۽ اها جمهوريت جنهن لاءِ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مفاهمتي عمل ذريعي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان دنيا جي نقشي تي سڌريل ملڪن ۾ ليکيو وڃي. شازيه مري چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ حڪومت ۾ اسان جي سهڪاري آهي ۽ اسان گڏ ڪم ڪندا رهنداسين. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي پنهنجي ملڪ کي صحيح رستي تي آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مشرف جي ڪنگز پارٽي جي ڪن ميمبرن سنڌ اسيمبلي ۾ اڄوڪي قرارداد جي حمايت ڪئي، انهن پڻ پنهنجي ضمير جي آواز کي سڏ ڏنو آهي. شازيه مري چيو ته سڀني سياسي قوتن تي لازمي آهي ته اهي سنڌ ۾ گڏجي ڪم ڪن ته جيئن صوبي جي فضا بهتر رهي.