آپريشن بند ٿيڻ تائين ڳالهين جي ٽيبل تي نه ويهنداسين:اختر مينگل

ڪراچي (بيورو رپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان ۾ گذريل 8 سالن دوران اسان کي پنهنجن بزرگن جا پيتين ۾ بند لاش ڏنا ويا، انهن جي قبرن تي پهرا لڳايا ويا، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ آپريشن اڃا بند ناهي ٿيو، بلوچ ڳالهين جي ٽيبل تي تيستائين نه ويهندا جيستائين آپريشن بند ڪري فورسز کي واپس نه ٿو گهرايو وڃي ۽ گم ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد يا ظاهر نه ٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته پ پ جي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪيان ٿو پر جيڪڏهن  ايجنسيون پ پ حڪومت جو چوڻ نه ٿيون وٺن ته اها حڪومت جي ناڪامي هوندي، بلوچستان جو مسئلو صرف ڪنڪرٽ لسٽ ناهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪنڪرٽ لسٽ وڻي ٿي ته ڀلي وڻي، اسان کي خيرات نه حق گهرجن، بلوچستان جي وسيلن جي مالڪي بلوچن جي هجي، هن چيو ته 12 مئي وانا، لال مسجد يا بلوچستان آپريشن هجي جتي به انسانيت جو قتلام ٿيو آهي اسان ان جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته بي ايل اي جو وجود ضرور هوندو تڏهن آمريڪا ان تي پابندي مڙهن جو مطالبو ڪيو هو.