|
جنگ جي حالت ۾
آهيون،آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ امدادي پئڪيج جي آڇ ناهي
ڪئي،عوام آزمائش لاءِ تيار رهي:صدر آصف
نيويارڪ
(فارين ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري واضح طور چيو آهي ته پاڪستان
جي عوام کي سمجهڻو پوندو ته اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، آمريڪا
۾ ڪنهن به امدادي پيڪيج جي آڇ ناهي ڪئي وئي، عوام کي آزمائش
مان گذرڻو پوندو، حڪومت ۽ پارليامينٽ آءِ ايس آءِ جي انچارج
آهي، آمريڪا ۾ آءِ ايس آءِ جي ڪردار بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه
ناهي ٿي، اڄ جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير جو معاملو اٿاريندس، جسٽس
چوڌري جي بحالي جو معاملو پارليامينٽ طئي ڪندي، صدر بش
پاڪستان جي خودمختياري تي يقين رکي ٿو، دهشتگردي خلاف موجوده
جنگ کي پنهنجي جنگ بڻائڻي پوندي، اهڙو اظهار هن نيويارڪ ۾ پريس
ڪانفرنس ۾ ڪيو، صدر چيو ته فاٽا جو علائقو مشڪل معاملو آهي، ان
کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن صدر بش پاران قبائلي
علائقن ۾ آمريڪي ڪارروائي نه ڪرڻ جي ضمانت واري سوال جو جواب
نه ڏنو، هن چيو ته جسٽس چوڌري جي بحالي جو معاملو پارليامينٽ
طئي ڪندي، هن چيو ته بش پاڻ چيو ته پاڪستان معاشي بحران جو
شڪار آهي، ان لاءِ اسان هر مدد لاءِ تيار آهيون، دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ دنيا جون همدرديون پاڪستان سان گڏ آهن، هن چيو ته منهنجو
آمريڪي دورو غير سرڪاري آهي ۽ پهريون سرڪاري دورو چين جو ئي
هوندو، ان لاءِ تياري ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته اڄ جنرل
اسيمبلي کي خطاب ڪندس ۽ بينظير جي خواهشن موجب ڳالهائيندس ۽
اها ئي منهنجي اصل اسٽوري هوندي، شهيد ڀٽي به ڪشمير مسئلي کي
گڏيل قومن وٽ اٿاريو هو، جنرل اسيمبلي ۾ ان معاملي کي به
اٿاريندس، هن چيو ته هاڻي ڪشمير تي فيصلي جي طاقت حڪومت بدران
عوام جي هٿن ۾ اچي وئي آهي، هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم من موهن
سنگهه سان پڻ ڪشمير ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندس، دهشتگردي
خلاف جنگ پاڪستان لاءِ وڏي مصيبت آهي، ان ۾ معاشي ۽ فوجي امداد
جي ضرورت آهي، هن چيو ته هينئر به نواز شريف کي وڏو ڀاءُ
سمجهان ٿو پر (ن) ليگ ۾ ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته پ پ ۽ (ن) ليگ
وچ ۾ ويجهڙائپ ختم ٿي وڃي ۽ سٺو سياسي ماحول خراب ڪيو وڃي، هن
چيو ته دهشتگردي خواهشن ۽ اميدن سان ختم نٿي ٿي سگهي، موجوده
جنگ کي اسان جي پنهنجي جنگ بڻائڻي پوندي ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ
۾ دهشتگردي بابت هڪ ئي موقف آهي، صدر بش پاڻ پاڪستان جي
خودمختياري ۽ اقتدار جي احترام جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان بابت
خاطري ڪرائي آهي، صدر زرداري چيو ته آمريڪي ۽ فرانسيسي صدرن
سان ملاقاتن ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون، اسان آمريڪا ۾ امدادي
پيڪيج گهرڻ نه آيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته يورپ ۽ ٻيا ملڪ
پاڪستان ۾ اچي سيڙپ ڪن، اميد آهي ته اهي ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپ
ڪندا، هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه جو پٽ آزاد ٿي ويو آهي، باقي
عافيه جي قانوني مدد جاري رکنداسين، هن وڌيڪ چيو ته شهيد
بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ٽوڙڻ جي سازش هئي، مون کي دنيا جي نه پر
پاڪستاني عوام جي قبوليت جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان جو
عوام ۽ پاڪستان ڪمزور ناهي، عوام متحد ٿي هن آزمائش مان گذري
ويندو، هن چيو ته حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪرڻو
پوندو.
|